198

ڇا دير ته ناهي ٿي وئي…؟

ايڊيٽوريل

وزيراعطم عمران خان ڪجهه ڏينهن پهريان پنهنجي هڪ انٽرويو دوران اعتراف ڪيو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ۾ اسان کي گهڻي دير ٿي وئي، جنهن سبب ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي، پر کوڙ سارن انتظامي معاملن کي ڏسندي لڳي ٿو ته وفاقي حڪومت کان ٻين معاملن ۾ به ڪٿي دير ٿي وئي آهي، جنهن سبب اُهي سلجهڻ بدران الجهي رهيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان اهم معاملو مخالف ڌر سان ڳالهين جو آهي، موجوده حڪومت جيئن ئي اقتدار سنڀاليو ته کوڙ سارا اهڙا قومي معاملا هئا، جن تي گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت هئي، جنهن ۾ چونڊ سڌارن وارو بل، احتساب جو عمل، اين ايف سي تحت فنڊن جي فراهمي، سياسي سڌارا، ملڪ ۾ 75 سالن کان حل طلب مسئلا ۽ خاص ڪري ملڪ جو معاشي سڌارن وارو ڍانچو اهميت وارا هئا، پر مخالف ڌر پاران سهڪار باوجود حڪومت سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ دير ڪري ڇڏي. ايف اي ٽي ايف سميت کوڙ سارا اهڙا معاملا هئا جنهن تي مخالف ڌر حڪومت سان ڀرپور سهڪار پڻ ڪيو پر ان کي به حڪومت ڪنهن ٻئي زاويي کان ڏٺو. حڪومتي پاليسين سبب ملڪ ۾ جڏهن مهانگائي وڌي وئي ۽ سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي پهتيون ته مخالف ڌر جي پارٽين گڏيل اتحاد ٺاهي احتجاج جو اعلان ڪيو، ان وقت به جيڪڏهن حڪومت لچڪ جو مظاهرو ڏيکاري ها ته حالتون معمول تي اچي وڃن ها، پر جڏهن مخالف ڌر جي تحريڪ پنهنجي عروج تي پهتي تڏهن حڪومت کي احساس ٿيو ۽ ٽن ڏينهن کان وزيراعظم سميت وفاقي وزير ۽ تازو ڪالهه پنجاب جي وڏي وزير به مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم اپيلون ڪري رهيو آهي ته ڪورونا سبب جلسا ملتوي ڪيا وڃن، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پر هاڻ مخالف ڌر پنهنجي احتجاجي تحريڪ جي پيڪ تي آهي، ان ڪري مخالف ڌر جي اتحاد جي اهم پارٽين پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ سميت ٻين ڌرين ڳالهين جي امڪان کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي بيان ۾ واضح طور تي چيو آهي ته هاڻ ڳالهين جو وقت گذري ويو، نه رڳو مخالف ڌر پر حڪومت جون اتحادي ڌريون پڻ اِهو چئي رهيون آهن ته ڳالهيون گهڻو وقت اڳ ٿيڻ گهرجن ها.

اسان سمجهون ٿا ته سياست ۽ ڪرڪيٽ ۾ ٽائيمنگ اهم هوندي آهي، نه صرف سياست ۽ ڪرڪيٽ پر زندگيءَ سان لاڳاپيل هر ڳالهه لاءِ وقت انتهائي اهميت جوڳو هوندو آهي. ڪرڪيٽ ۾ جيڪڏهن ٽائيمنگ شاٽ نه کيڏي ويندي آهي ته راند جو پاسو پلٽجي ويندو آهي ۽ سياست ۾ به جيڪڏهن ٽائيمنگ سان صحيح رخ ۾ قدم نه کنيو ويندو آهي ته نقصان ٿيندو آهي، ان ڪري لڳي ائين ٿو ته حڪومت هر معاملي ۾ دير ڪري ڇڏي آهي. جمهوريت جو بنيادي اصول اِهو هوندو آهي ته ان ۾ ڳالهين جا در بند ناهن ڪيا ويندا ۽ خاص ڪري حڪومتن کي ته ڳالهين جا در بند ڪرڻ جو ڪو جواز ئي نه هوندو آهي. جيتوڻيڪ ملڪي حالتون جنهن رخ ۾ وڃي رهيون آهن، ان ۾ لڳي ٿو ته واقعي گهڻي دير ٿي وئي آهي، پر پوءِ به اسان نااميديءَ کي سٺو نه ٿا سمجهون. اسان سمجهون ٿا ته هڪ ماهر سياستدان ۽ ماهر رانديگر پنهنجي حڪمت عملي سان ڪنهن به وقت ميچ ۾ واپس اچي سگهي ٿو ۽ وزيراعظم ته پاڻ ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر آهي، ڳالهه صرف وقت، نيڪ نيتي ۽ صحيح وقت سان اڳتي وڌڻ جي آهي. اسان سمجهون ٿا ته هِن وقت به جيڪڏهن سگهاريون ڌريون وچ ۾ اچي وڃن ته ڳالهين جي ميز سجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ دير ته ٿي وئي آهي پر وري به اميد جو دامن پڪڙي حڪومت نيڪ نيتيءَ سان وک وڌائي ته حالتون بهتري طرف اچي سگهن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو