231

حڪومت پاران مخالف ڌر سان ڳالهين لاءِ موقف ۾ آندل لچڪ

ليکڪ: شهزاد ملڪ

مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد  پي ڊي ايم طرفان حڪومت خلاف شروع ڪيل تحريڪ ۾ جيئن جيئن تيزي اچي رهي آهي ۽ ان ۾ ماڻهن جو هڪ ذڪر لائق تعداد به شريڪ ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن حڪومت طرفان پي ڊي ايم کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ ۾ ڪنهن حد تائين سنجيدگي جو مظاهرو به ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ  سيالڪوٽ ۾ وزيراعظم عمران خان پي ڊي ايم کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ ان کانپوءِ هاڻي ڪالهه وفاقي وزير فواد چوڌري به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ”اهڙيون شخصيتون جيڪي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ احترام جي نظر سان ڏٺيون وڃن ٿيون، اهي اڳتي اچن ۽ ڳالهين جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيئن تلخيون گهٽ ٿين“ ڇو ته ائين ٿيڻ ملڪ لاءِ ضروري آهي، ان کان اڳ حڪومتي جماعت جا ماڻهو اهو چوندي نظر ايندا هئا ته مخالف ڌر جون پارٽيون پنهنجي مبينا ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گڏ ٿيون آهن ۽ حڪومت ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندي، حڪومت جي ان سخت رويي کانپوءِ هاڻي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ تي مخالف ڌر جي پارٽين جو چوڻ آهي ته” هاڻ ڳالهيون نه ٿينديون“، حڪمران اتحاد ۾ شامل مسلم ليگ (ق) جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شروع ۾ئي مخالف ڌر جي پارٽين کي حڪومت جي سنجيده حلقن طرفان ڳالهين جي دعوت ڏني وڃي ها ته ڪڏهن به حالتن ۾ ايتري سختي نه اچي ها، جيتري هن وقت آهي، (ق) ليگ جي اطلاعات سيڪريٽري ڪامل علي آغا جو چوڻ آهي ته حڪومتون ڪڏهن به مخالف ڌر جي پارٽين سان ڳالهين جا دروازا بند نه ڪنديون آهن، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهيون ئي جمهوري عمل جو بنياد آهن ۽ جيڪڏهن بنياد ئي نه رکيو وڃي ته مسئلن جو حل ڪيئن نڪرندو؟ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت اهڙين حالتن ۾ به پنهنجي اتحادين سان ڪو مشورو نه ڪيو آهي ته ڪيئن اهڙين حالتن کي منهن ڏجي، ڪامل علي آغا چيو ته ڌرين کي پنهنجي پنهنجي پوزيشن ۾ ٿورڙي لچڪ ڏيکارڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ ٽئين طاقت ان مان فائدو وٺندي، جنهن سان نقصان نه صرف حڪومت پر مخالف ڌر جي پارٽين جو به ٿيندو، هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته انهن سندس جماعت جيڪا حڪمران اتحاد ۾ شامل آهي سان ڪڏهن به ڪنهن به معاملي تي مشورو نه ڪيو آهي، هن چيو ته بدقسمتي سان وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سياست ۾ جيڪا رواداري هئي اها هاڻ ختم ٿي رهي آهي ۽ ان جي جاءِ تخلقين ورتي آهي، ڪامل علي آغا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سندن پارٽيءَ  سان مشورو ڪيو ته چوڌري برادران يعني چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي ان کي مخلصاڻو مشورو ڏيندا، هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جو به اهو بيان سامهون آيو آهي ته حڪومت مخالف ڌر جي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر اهي ڳالهيون ذاتي مفاد ۾ نه پر ملڪي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته احتساب جو نعرو تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي، ان لاءِ حڪومت ان نعري کان پوئتي نه هٽندي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي اهم پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر خرم دستگير جو چوڻ آهي ته ڳالهين بابت 13ڊسمبر جي لاهور واري جلسي کانپوءِ سوچ ويچار ٿيندو، بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ ڳالهيون حڪومت سان نه ٿينديو پر جيڪڏهن ڪجهه سنجيده شخصيتون پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته انهن کي ضامن جي طور تي کڻندي ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته اهڙيون ڪهڙيون شخصيتون ٿي سگهن ٿيون جيڪي غير تڪراري هجن ته خرم دستگير چيو ته پاڪستان جا اڳوڻا چيف جسٽس صاحبان ٿي سگهن ٿا، پر انهن ۾ اڳوڻو چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ ميان ثاقب نثار شامل نه هجن، هن چيو ته تصدق حسين جيلاني جهڙيون شخصيتون اڃا به غير تڪراري آهن، نواز ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڳالهين جو مقصد غير جمهوري طاقتن جو سايو، جمهوريت تان هٽائڻ آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت وڌي ويجهي نٿي سگهي، ان کانسواءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ملڪ ۾ اڳتي جڏهن به چونڊون ٿين ته ان ۾ غير جمهوري طاقتن جو ڪو به ڪردار نه هجي، وزيراعظم جو اهو الزام ته مخالف ڌر جون پارٽيون اين آر او لاءِ گڏ ٿيون آهن ان تي خرم دستگير جو چوڻ هو ته نه مخالف ڌر جي پارٽين اين آر او گهريون آهي ۽ نه ئي وري وزيراعظم وٽ اين آر او ڏيڻ جو ڪو به اختيار آهي، هن چيو ته نيب جي قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون، فوج جي ڇٽي هيٺان ٿيون هيون ۽ انهن اجلاسن ۾ ٿيل ڳالهين جي وچ ۾ هڪ مسودي کي بنياد بڻائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها دعويٰ ڪري ڇڏي هئي ته مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت کان پنهنجن ڪيسن جي خاتمي لاءِ اين آر او گهري رهيون آهن، هن چيو ته گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کان اڳ ان تحاد ۾ شامل پارٽين جا نظريا مختلف هئا پر اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي تقرير کانپوءِ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي سوچ ان نقطي تي ئي ڄميل آهي ته غير جمهوري طاقتن جي ملڪي سياست ۾ ڪردار کي ختم ڪيو وڃي. خرم دستگير جو چوڻ هو ته 8 آگسٽ 2008ع تي اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جڏهن ته ٺيڪ 10 سالن کانپوءِ عمران خان بطور وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، هن چيو ته ان سڄي عرصي دوران رياستي ادارا آزاداڻي طريقي سان ڪم ڪري رهيا هئا پر هاڻ انهن ادارن ۾ به هڪ گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول آهي،  ٻئي طرف حڪومت طرفان مخالف ڌر جي پارٽين کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ لاءِ اڃا تائين ڪا ڪاميٽي ته ناهي ٺاهي وئي پر  نواز ليگ جو سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چوي ٿو ته ڪجهه حڪومتي شخصيتن ساڻس رابطو ڪيو آهي، تجزيي نگار سهيل وڙائچ جو چوڻ آهي ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي ئي ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻو پوندو، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي به پنهنجي پنهنجي موقف تان هڪ قدم پوئتي هٽڻو پوندو ۽ لچڪ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته سندس نظر ۾ اهڙيون شخصيتون جيڪي ملڪ جي اهم عهدن تي رهيو هجن ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿي چڪيون هجن، اهي اهڙو ڪردار ادا نه ٿيون ڪري سگهن جهڙو ڪردار ملٽري اسٽيبلشمينٽ ادا ڪري سگهي ٿي، سهيل وڙائچ جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي جلسن کانپوءِ ايندڙ مرحلو اسلام آباد طرف لانگ مارچ آهي، هن چيو ته لانگ مارچ کان اڳ ۽ لانگ مارچ کانپوءِ سڀ کان وڏو مسئلو امن امان جو هوندو، جيڪڏهن پي ڊي ايم جي قيادت کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ به سڀ کان وڏو مسئلو امن امان جو ئي هوندو، سهيل وڙائچ چيو ته  جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿيا ته پوءِ فوج کي ئي ذميواريون ادا ڪرڻيون پون ٿيون، جڏهن 2014ع ۾ وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏنو هو ته ان وقت ڳالهيون فوج ئي ڪيون هيون ان کانسواءِ فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي دوران خادم رضوي سان به فوج ئي ڳالهيون ڪيون هيون، هن چيو ته عدليا جي آزادي واري تحريڪ ۾ جڏهن اڳوڻي وزيراعظم   نواز شريف اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو هو ته ان سان لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي ڳالهه به ان وقت جي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ئي ڪئي هئي.هن چيو ته ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند نه ڪرڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته نقصان ڪنهن هڪ پارٽي جو نه پر پوري ملڪ جو ٿيندو، وفاقي وزير فواد چوڌري جي ٽوئيٽ بابت هن چيو ته اهو ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته حڪومت ڳالهين جي طرف اچڻ چاهي ٿي، هن چيو ته وزيراعظم کي پنهنجي پارٽي جي اڻ چونڊيل ماڻهن کي به روڪڻ گهرجي، جن جي بيانن ۽ ٽوئيٽس ماحول ۾ تلخي پيدا ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو