ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاق کي ڪنهن به آرڊيننس ذريعي سنڌ جي زمين تي والارڪرڻ نه ڏني ويندي، سنڌ جو عوام انهيءَ آرڊيننس جي رد ٿيڻ تائين ڀرپور مزاحمت ڪندو. سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ رجسٽرار نديم ٻٽ ۽ نامياري ناول نگار ڪليم ٻٽ سان سندن وڏي ڀاءُ محمد عثمان ٻٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن تي وفاق جي قبضي خلاف 28 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ملڪي سطح جي گهڻ رخي قومي ڪانفرنس سڏائي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي چئني صوبن مان سياسي ۽ سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا، جنهن لاءِ دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ سرڪار جو ٻٽو ۽ منافقاڻو رويو رھيو آھي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران اعلانيل جلسن ۽ احتجاجن ۾ سنڌ جو عوام ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري. ان موقعي تي پروفيسر انعام ڀٽي، حافظ بخشل سهيڙو، امير بخش ٿيٻو، اورنگزيب شاهاڻي، خليق ٽڳو، دانش ٻٽ، خادم درس ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
285