233

عوام سڏ تي پي ڊي ايم نڪتي آهي، حڪومت کي اين آر او نه ڏينداسين: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته پي ڊي اي حڪومت کي اين آر او نه ڏيندي. لاهور جلسي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي سڏ تي عوام نه پر عوام جي سڏ تي پي ڊي ايم نڪتي آهي، پي ڊي ايم حڪومت کي اين آر او نه ڏيندي، عوام ملڪ خاطر ٻاهر نڪري ۽ حڪومت کي آخري ڌڪو ڏئي. مريم نواز جو چوڻ هو ته لاهور جاڳي رهيو آهي، سمورين رڪاوٽن باوجود اڄ ڀرپور جلسو ٿيندو، پاڪستان جي خوشحالي وارو دور اچڻ وارو آهي، ايندڙ حڪومت ن ليگ جي هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو