223

ناجائز حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، الله ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا: فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته ناجائز حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، الله ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا. مولانا فضل الرحمان پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ راشد محمود سومرو، مولانا عبدالغفور حيدري، اڳوڻو ايم اين اي مولانا قمر الدين ۽ ٻيا شامل هئا. پارٽي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان کي اڄ ٿيندڙ جلسي جي تيارين ۽ مختلف شهرن کان ايندڙ قافلن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪارڪن سموريون حڪومتي سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيون آهن، اڄ مينار پاڪستان تي ٿيندڙ جلسو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو. هن چيو ته ناجائز حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، اسان امپائر جي آڱر کان نه پر الله ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو