260

مانجهند تعلقي جي عوام کي گئس نه ملي، رهواسين جو انڙپور ۾ توا، ڪاٺيون ۽ ڇيڻا رکي انوکو احتجاج

ڄامشورو:  (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) گئس فيلڊ انتظاميا ۽ ڊي سي ڄامشورو پاران مانجهند تعلقي جي عوام کي گئس ۽ روزگار نه ڏيڻ توڙي  سوشل فنڊ علائقي تي خرچ نه ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪميٽي انڙپور شهر ۾ انوکو احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو آهي. قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي رهواسين خدا بخش ٿيٻو،  نواز مڱڻهار، عبداللطيف پنهور ۽ عبدالرزاق کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ چلھه تي توا، ڪاٺيون ۽ ڇيڻا رکي انوکو احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  يو اِي پي گئس ڪمپني کي يوسي منظور آباد ۽ انڙپور ۾ گئس جا وڏا ذخيرا مليا آهن پر تنهن باوجود مقامي ماڻهن کي نه سهولتون ڏنيون ويون آهن ۽ نه ئي روزگار،  مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود گئس ڪمپني توڙي ضلعي انتظاميا مانجهند تعلقي کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو آهي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گئس ڪمپني  انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا لکت ۾ مطالبا مڃڻ باوجود ان تي عمل نه ڪري رهي آھي، حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مقامي ماڻهن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته چلهه تي توا، ڪاٺيون ۽ ڇيڻا رکي گئس ڪمپني ۽ ضلعي انتظاميا کي آئينو ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته اسان جو تعلقي قدرتي وسيلن سان مالامال هوندي به گئس سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مانجهند تعلقي کي گئس، پاڻي ۽ بجلي واريون سهولتون مهيا ڪري گئس ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو