254

پ پ حقيقي عوامي پارٽي آهي، جيڪا مسئلن ۾ گهيريل پاڪستان کي خوشحالي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي: نثار کهڙو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ خانزاده اتحاد جي اهتمام هيٺ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار  کهڙو جي مان ۾ حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي نثار کهڙو چيو ته پ پ هڪ حقيقي عوامي پارٽي آهي ۽ اها ئي مسئلن ۾ گهيريل پاڪستان کي خوشحالي طرف گامزن ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته عوام هاڻوڪي حڪومت مان تنگ اچي چڪي آهي ۽ عوام جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي پر هاڻي وقت پري ناهي جو پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان عوام  انهن کي اقتدار جي ايوانن مان ڪڍي گهر وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو