اڪري چودڳي (رپورٽ: غلام فريد هاليپوٽو) اڪري چودڳي ڀرسان لاريب هوٽل ۽ پمپ وٽ نوجوان پورهيت عدنان ڀٽي تي شڪارپور واسي ٽريڪٽر ڊرائيور بسترو چورائڻ جو الزام لڳائي انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي کيس کٽ سان ٻڌي لوهي ڪوڪن سان سندس جسم ۽ نازڪ عضون تي سوراخ ڪڍيا ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻايو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي وئي آهي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ نوجوان عدنان ڀٽي تي تشدد ڪندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور بابت معلوم ٿيو آهي ته هو شڪارپور واسي آهي ۽ سندس نالو علي حسن بروهي آهي. ٻئي پاسي اهڙي انسانيت سوز واقعي تي سياسي سماجي ڌرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ملوث ٽريڪٽر ڊرائيور خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي پورهيت تي تشدد ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
