257

مصر حڪومت پاران پنهنجي شهرين کي ڪورونا ويڪسين مفت ۾ ڏيڻ جو فيصلو

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر جي صحت واري وزير هاله زيد چيو آهي ته ملڪ جي حڪو مت پاران مصر جي شهرين کي ڪورونا وائرس لاءِ چين جي ٺهيل سينوفارم  ويڪسين مفت فراهم ڪئي ويندي. ميڊيا رپورٽن مطابق مصر ۽ گڏيل عرب امارتن جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته قاهره ۾ ڪلينيڪل ٽرائلز مڪمل ڪرڻ  کانپوءِ ڪورونا خلاف سائنوفرم ويڪسين 86 سيڪڙو تائين ڪامياب ٿي آهي. مصر ۾ چين جي سفير ليائولي ڪيانگ مصر ۾ گڏيل عرب امارتن جي وقتي سفير مريم الڪعبي گڏيل عرب امارتن مان قاهره جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪورونا جي پهرين کيپ پهچڻ تي صحت واري وزير سان گڏ موجود هئي.صحت واري وزير چيو ته ڪورونا جي مريضن ۽ ٻين مخصوص اسپتالن ۾ طبي عملي کي ترجيحي بنيادن تي چيني ويڪسين ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو