174

ڀارتي رياست راجستان ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 7 ڄڻا فوت، 3 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اولهه رياست راجستان ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 3 زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارت جي مقامي آفيسر موجب حادثو تيز رفتار سبب پيش آيو، گاڏي ۾ 18 مسافر سوار هئا جيڪي چتور ڳڙه جي هڪ مندر ۾ رسمون ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ريسڪيو ٽيم حادثي  واري جاءِ تي پهچي لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو