270

سوات ۾ زال کي پرچائڻ لاءِ ويل مڙس گوليون هڻي سهري ۽ سالي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۾ ناراض  زال کي پرچائڻ لاءِ ويل مڙس گوليون هڻي سهري ۽ سالي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق سوات جي علائقي مينگوره ۾ ناراض زال کي پرچائڻ لاءِ ساهرن وٽ پهتل مڙس گوليون هڻي پنهنجي سهري ۽ سالي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، فائرنگ سبب 2 عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو