251

ملڪ جون وڏيون 11 پارٽيون ملي ڪري به پي ٽي آءِ جي جلسي جيترو جلسو ڪري نه سگهيون آهن : شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پي ڊي ايم جي جلسي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ جون وڏيون 11 پارٽيون ملي ڪري به پي ٽي آءَ جي جلسي جيترو جلسو ڪري نه سگهيون آهن، شبلي فراز پنهنجي سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلسي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي پر ڪورونا وائس جي ڪري مخالف ڌر جا اڳواڻ غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته الله تعاليٰ جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکي، هي خود بند گهٽي ۾ وڃي رهيا آهن، مريم پهريان پنهنجي والد جي سياست کي تباهه ڪيو ۽ هاڻ يارنهن جماعتن سان ملي ڪري تحريڪ انصاف جي جلسي جيترو به جلسو ناهي ڪري سگهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته لاهور جي عوام انهن کي رد ڪيو آهي، هي ماڻهو ملي ڪري به گڏجي به ماڻهن کي گڏ ڪري ناهن سگهيا، انهن تي روئڻ اچي رهيو آهي، اڄ هي بُري طرح ناڪام ويا آهن، هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت عوام جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪوشان آهي، ترقي جو هي سفر ساڳي رفتار سان جاري رهندو. شبلي فراز جو اهو به چوڻ هو ته چئلينجن باوجود پاڪستان معاشي سڌارا اچي رهيا آهن، مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران ڏيهي ۽ پرڏيهي آمدني ۾ واڌارو آيو آهي، غير ملڪي سرمائيڪاري ۾ 150 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي پيداوار ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، نومبر ۾ ڪارن جي وڪري ۾ 68 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ٽريڪٽر، موٽر سائيڪلن جي وڪري ۾ به اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته عوام جي زندگي ۾ هر ممڪن سهولتون آڻڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم ۽ سرگرم آهي، کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي عمران خان جو غريب عوام کي سهولت ڏيڻ واري عزم جو چٽو ثبوت آهي، شبلي فراز وڌيڪ چيو آهي ته ڪورونا وبا باوجود عمران خان جي دانشمندي واري حڪمت عملي جي ڪي پاڪستان جي معيشت ۽ روزگار وڌي رهيو آهي ۽ انساني زندگيون محفوظ ٿي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو