154

پي ڊي ايم جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروعات ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون آهن، هاڻ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي:بلاول ڀٽو

لاهور (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروعات تي لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڊائلاگ شائيلاگ جو وقت گذري چڪو، رابطو ڪرڻ بند ڪريو، هاڻي لانگ مارچ ٿيندو، اسلام آباد اچي رهيا آهيون، لاهور ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڊائلاگ شائيلاگ جو وقت گذري چڪو آهي، هاڻي لانگ مارچ ٿيندو، اسان اسلام آباد پهچي رهيا آهيون، جعلي ۽ نالائق وزيراعظم کان استعيفيٰ کسي رهنداسين، رابطو ڪرڻ بند ڪريو، ڪٺ پتلي ۽ جعلي حڪمران گهر وڃڻ وارا آهن، جعلي، ناجائز ۽ نااهل حڪمرانن جي دامن ۾ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي، انهن وٽ نه عقل آهي، نه ئي وري کين تاريخ جو علم آهي، مهانگائي جا ماريل ماڻهو اسان جا ٻانهه ٻيلي آهن، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جڏهن عوام تحريڪ جو ان حد تائين ساٿ ڏي ٿو ته ظلم جون زنجيرون ڪٽجي وينديون آهن، يقين ڏياريان ٿو ته اوهان جي ڪاميابي جلد ٿيڻ واري آهي، اهي ووٽ سان نه پر ڪنهن ٻي اشاري سان اقتدار ۾ آيا آهن، اڄ پاڪستان ۾ تاريخي مهانگائي، صنعتن کي تالا لڳا پيا آهن، جعلي حڪومت کي نه پنجاب جي فڪر آهي ۽ نه پاڪستان جي عوام جو فڪر آهي، روشنين جي شهر ۾ مايوسي جي اوندهه آهي، لاهور جا مزدور ۽ محنت ڪندڙ اڪيلا ناهن، پي ڊي ايم انهن سان گڏآهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان جو حال اونداهو آهي پر اسان ۽ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه جيل ۾ آهن، لاهور جو مطالبو آهي ته شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه کي آزاد ڪريو، بلاول ڀٽو چيو ته هي اقتدار جي نه پر غريب کي ماني، ڪپڙا ۽گهر ڏيارڻ جي جنگ آهي، اسان عوام کي حق حڪمراني ڏيارڻ چاهيون ٿا، ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو عوام جو توهان کي فيصلو مڃڻو پوندو، اسان سڀ لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهچنداسين، ڪٺ پتلي کي ڀڄائينداسين، ڪٺ پتلي کي ڀڄائڻ کانپوءِ ئي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف  پي ڊي ايم سربراهه مولانا سربراهه مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مان خطرو محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪٿي ايندڙ ڏينهن ۾ اسان کي اهي حالتون نه ڏسڻيون پون جتي اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستاني عوام جو مقابلو نظر اچي ۽ هڪٻئي جي سامهون بيهي رهن، اها ڳڻتي جوڳيون حالتون آهن، مان چوان ٿو ته عوام کان مقابلو ڪرڻ کان هٽي وڃو، عوام کي رستو ڏيو ۽ کين اسلام آباد پهچڻ ڏيو، پارليامينٽ عوام جي آهي، طاقت ۽ حڪومت عوام جي هوندي، ڌانڌلي جو نظام هاڻي نه هلي سگهندو، چپ ڪري نه ويهنداسين، ان ئي عوام سان ادارا، عدليه، پارليامينٽ، فوج ۽ دفاعي قوت ٺهي ٿي، جيڪڏهن ادارا هڪٻئي جي مقابلي ۾ اچن ٿا ته عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويندو آهي، پوءِ قومي يڪجهتي ڪڏهن به برقرار ناهي رهي سگهندي، مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اظهار راءِ جي آزادي، ميڊيا جي آزادي جو تحفظ، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو، مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هنگامي معاشي منصوبا اسان جو بنيادي مقصد آهن. ٻئي  طرف مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا کان وڌيڪ خطرناڪ مرض عمران خان آهي، جڏهن اهو مرض آيو ته پاڪستان ۾ترقي، کنڊ، ڪڻڪ، اٽو، بجلي، گئس، ميڊيا، عوام جو روزگار ۽ دوائون قرنطينا ۾ هليون ويون، تابعدار خان چوي ٿو ته اپوزيشن مون کي نه ٿي سڃاڻي، اسان تو کي چڱي طرح سڃاڻون ٿا، ملڪ جي ٻچي ٻچي کي توهان جي خبر پئجي وئي آهي، جنهن کي خبر ناهي اهي منهنجي تقرير مان ٻڌي ۽ سمجهي وٺن، 2013ع جي چونڊن ۾ جڏهن عمران خان کي عبرتناڪ شڪست ملي ته سمجي ويو ته تابعداري کان سواءِ وزيراعظم نه ٿو بڻجي سگهان، جسٽس کوسا سان گڏجي نواز شريف کي اقامي تي نااهلي ڪرايو، مريم نواز وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ڪهڙي پارليامينٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ جنهن کي ٻيا هلائي رهيا آهن، نواز شريف کي غدار ۽ انڊيا کي يار چئو ٿا، قوم ٻڌائي ته ڇا نواز شريف جو هڪ به مطالبو آئين جي ابتڙ آهي؟ ڇا ادارن کي آئين جي حدن ۾ رهڻ جو مطالبو، آزاد عدليه ۽ ميڊيا جو مطالبو  غير آئيني آهي، ڇا آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف آرٽيڪل 6 جو مطالبو غير آئيني آهي؟ ڇا ڪشمير کي مودي جي حوالي نواز شريف ڪيو هو؟ مريم نواز عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته واعدو ڪريو اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ لاءِ نڪرڻو پيو ته نڪرندؤ؟ اتي جيترا ڏينهن رهڻو پيو ته رهندٗؤ؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو