اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو وڻي سو ڪريو، اين آر او نه ڏيندس، اپوزيشن مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڳتي جيڪو به وڻيو سو ڪريو، منهنجو فيصلو واضح آهي، پي ڊي ايم جي لاهور واري جلسي کان پوءِ پنهنجي ردعمل ۾ وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پي ڊي ايم تمام گهڻو پئسو، وقت ۽ ڪوششون ڪيون، عوام کي ڪورونا جي خطري ۾ وڌو، پي ڊي ايم اهو سڀ ڪجهه مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ته جيئن مان کين اين آر او ڏيان، وزيراعظم عمران خان چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته انهن کي ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندس، مون کي بليڪ ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم جا جيڪي به مستقبل ۾ منصوبا آهن اهي به ڪري ڇڏي، افسوس سان چوان ٿو ته منهنجو هميشه وانگر اهو ئي جواب آهي ته کين اين آر او نه ملندو، جن ملڪ لٽيو آهي انهن کي هر قيمت تي احتساب ڏيڻو پوندو. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جلسي ۾ رڳو پي ڊي ايم قيادت موجود هئي، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان لاهور ۾ اڪيلي جلسو ڪيو هو، هي 11 پارٽيون گڏجي جلسو ڪري رهيون آهن پوءِ به ماڻهو نه آيا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهو هاڻي سمجهدار ٿي ويا آهن، اهي انهن جي ذاتي مفاد جي لاءِ رسڪ کڻي ڇو جلسي ۾ شرڪت ڪندا؟، اسان جلسي ۾ اچڻ کان ڪنهن کي به نه روڪيو هو، نه ئي وري ڪنهن جڳهه تي ڪنٽينر رکي رڪاوٽ وڌي، ڪورونا وائرس جي ڪري حڪومت عوام کي جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. اپوزيشن جماعتون عوام کي ڪورونا وائرس ۾ ڌڪي رهيون آهن، انهن جي زندگين سان کيڏي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
163