194

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 36 ڄڻا فوت، 2362 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 36 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2362 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته ٻي نمبر تي وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخوا ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 36 فوتگيون ٿيون جنهن مان 19 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 362 ماڻهن جا ڪووڊ – 19 ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ ۾ 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 64 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 47 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي اسلام آباد ۾ 44 سيڪڙو، ملتان ۾ 50 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 56 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 61 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 830 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 270، پنجاب ۾ 11 هزار 536، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 756، اسلام آباد ۾ 4 هزار 80، بلوچستان ۾ 230، گلگت بلتستان ۾ 415، آزاد ڪشمير ۾ 543 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 84 هزار 719 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 346 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 47 هزار 236 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 40 هزار 787 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 7 هزار 719، بلوچستان ۾ 17 هزار 745، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 791، اسلام آباد ۾ 34 هزار 840، خيبرپختونخوا ۾ 52 هزار 449، پنجاب ۾ هڪ لک 27 هزار 541 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 95 هزار 702 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 8 هزار 832 آهي جنهن مان سنڌ ۾ 3 هزار 158 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 3 هزار 365 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 473 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪند وران 10 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 371 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، بلوچستان ۾ 175 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 99 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 191 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جا 60 لک 64 هزار 220 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي علاج لاءِ مختص 613 اسپتالن ۾ 3 هزار 14 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو