179

ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ، نوجوان زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي خلاف ورزي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي چڙي ڪوٽ سيڪٽر ۾ ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي مارٽر گولن سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پاڪ فوج پاران ڀارتي کي ڀرپور نموني سان جواب ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو