248

لاهور ۾ پي ڊي ايم جو جلسو: پوليس 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جلسي بابت پوليس 2 ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽن مطابق ٿاڻي لاري اڊه ۾ سيڪيورٽي عملي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ هڪ ڪيس سيڪيورٽي سپروائيزر محمد يوسف ۽ ٻيو ذيشان حيدر نقوي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق 11 ۽ 12 ڊسمبر تي داخل ڪيل ڪيسن ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، ڌمڪين، پوليس سان جهيڙي ۽ 10 کان وڌيڪ ماڻهو جمع ٿيڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو