241

انصاف ڏيڻ ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون رياست طرفان آهن ۽ الزام عدالتن تي لڳندو آهي: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا آهن ته انصاف ڏيڻ ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون رياست طرفان آهن ۽ الزام عدالتن تي لڳندو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله شهرين کي انصاف ڏيڻ ۾ دير واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي رمارڪس ڏنا ته آئين ۾ لکيل آهي ته جلد ۽ ترت انصاف هر شهري کي ڏنو ويندو، عدالتون ڏسي وٺو اوهان ڪهڙي حالت ۾ ٺاهي رکيون آهن ۽ شهرين کي اتي ڪيترائي مسئلا آهن، توهان جيڪي رپورٽون جمع ڪرايو ٿا ان ۾ ڪابه دلچسپي ناهي، عملي طور ٻڌايو ڇا ڪيو؟ انصاف جي فراهمي ۾ سموريون رڪاوٽون رياست طرفان آهن ۽ الزام عدالتن تي لڳايو وڃي ٿو، 10 ڏينهن جو وقت آهي اسان کي ڪو حل ٻڌايو نه ته اعليٰ ترين عهديدارن کي طلب ڪنداسين، اعليٰ عدالت وزيراعظم جي گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر کي 24 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو