240

ڄامشورو ۾ ٿرمل پاور هائوس جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو، وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) وفاقي حڪومت پاران ٿرمل پاور هائوس کي نجڪاري ۾ ڏيڻ، ڪوٽڙي گيس ٽربائين پاور هائوس جو لائسنس رد ڪرڻ، جينڪو ون جي يونٽ 2 ۽ 3 جي اسٽاف کي سرپلس ڪرڻ واري فيصلي، امڪاني طور ملازمن کي جبري   برطرف ڪرڻ ۽ پاور هائوس جي ٻن يونٽن کي بند ڪرڻ واري عمل خلاف پاڪستان واپڊا ايمپلائيز پيغام يونين ڄامشورو جينڪو ون پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٿرمل پاور هائوس جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محمد ساجن پنهور، صوبائي سيڪريٽري محمد عثمان جوڻيجو، صوبائي ڊپٽي چيئرمين محمد صفدر آرائين، صوبائي وائيس چيئرمين انيس احمد، بشير ڪالاڻي، بشير احمد ڇڄڙو، غلام محمد راهڙ، غلام شبير ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي ۾ سوين ملازمن شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي ۾ شامل مظاهرين وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي پاور هائوس کي نجڪاري ۾ ڏيڻ،گهٽ خرچ تي بجلي پيدا ڪندڙ ڪوٽڙي گيس ٽربائين پاور هائوس جو رد ڪيل لائسنس بحال ڪرڻ، ملازمن کي سرپلس ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ، بند پيل يونٽ چالو ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي يونين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محمد ساجن پنهور، صوبائي سيڪريٽري محمد عثمان جوڻيجو، صوبائي ڊپٽي چيئرمين محمد صفدر آرائين، صوبائي وائيس چيئرمين انيس احمد، بشير ڪالاڻي، بشير احمد ڇڄڙو، غلام محمد راهڙ، غلام شبير ٽالپر سوڌو ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ٿرمل پاور هائوس ڄامشورو کي بند ڪرڻ چاهي ٿي، بغير ڪنهن سبب جي پاور هائوس جي ٻن يونٽن کي بند ڪيو ويو آهي جنهن جو سبب خسارو ڄاڻائي پورهيتن کي نيڪالي ڏيڻ آهي جتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي سرپلس ڪيو پيو وڃي پر پنهنجي قومي ادارن کي تباھ ڪرڻ نه ڏينداسين اسان ان سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هنن سنڌ جي چونڊيل نمائندن، سياسي ۽ قومپرست اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته هو سندن احتجاجي تحريڪ ۾ ساٿ ڏين، اڳواڻن اهو به چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن نجڪاري وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته پنهنجي احتجاج جو دائرو صوبائي ۽ ملڪي سطح تائين وڌايو ويندو، وزيراعظم هائوس آڏو ڌرڻو پڻ هنيو ويندو، ان سان گڏ ڪورٽ سان پڻ رابطو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو