202

ڪراچي جي عدالت ۾ پيءُ فائرنگ ڪري پنهنجي پٽ جي قاتل کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير ڪورٽ ۾ پيشي تي آندل جوابدار کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ملير جي عدالت ۾ قتل جي هڪ جوابدار کي پيشي تي آندو ويو، ان دوران عدالت ٻاهر هٿياربند شخص فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ٻاهريان پيش آيو، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ خوشدل جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو قتل ڪيس ۾ گرفتار هو. پوليس مطابق فائرنگ ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ڪفايت الله طور ٿي آهي ۽ ان جنهن جوابدار کي قتل ڪيو اهو سندس پٽ جو قاتل هو، جوابدار ڪفايت الله جوابدار خوشدل کي 3 گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ گرفتاري ڏني آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو