262

نيپرا بجلي هڪ رپيو 11 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ بدران پريشان ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو پئي اچي، نيپرا بجلي جي في يونٽ ۾ هڪ رپيو 11 پئسا واڌ ڪري ڇڏي آهي، بجلي سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا مطابق بجلي واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙي ڊسمبر جي بلن ۾ ڪئي ويندي، سيپٽمبر ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت 3 رپيا 95 پئسا في يونٽ هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو