ليکڪ: عبدالجبار تمراڻي
اڄ اوچتو ويٺي ويٺي سوچيم ته ناولي خيالن ۽ ڪيفيتن کي پاسيرو رکي تاريخ جي ان اڙٻنگ انسان تي لکجي جيڪو طبيعتن ڏاڍو ھنسمُک، جنھن جو جسم قداور، ڪاريون اکيون، الماسي رنگ، چاندي جھڙا سھڻا اڇا وار ۽ چمڪندڙ نوري چھري تي ڀريل سھڻي سونھاري آھي، جنھن تعليم جي بي لوس خدمت ڪندي پيغمبري پيشي کي پنھنجي زندگي جا 34 سال ارپي ڇڏيا، جنھن جو اندر سمنڊ جيان اونھو ۽ ڪائنات وانگر ڪشادو آھي. اھا شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سھتو جي آھي جيڪا شخصيت پنھنجي ڪمال ۾ جمال آھي. حالات ڪھڙا به ھجن، ڪنھن ماڻھو جي ڄاڻ سڃاڻ ھجي يا نه ھجي، ان جي دل ۾ ھميشه محبت جو مچ ٻرندو رھي ٿو، ملاقات دوران مُرڪ جي ڀاڪر سان پنھنجو ڪريو ڇڏي. سندس ڳالھيون، ڪچھريون، يادگيريون، سرنھن جي گل ۽ ٻور مان نڪرندڙ هڳاءَ ۽ مھنديءَ جي مھڪ وانگر آهن. جيئن ھڪ بھترين سنگ تراش ڪنھن پٿر کي پنھنجي ڪاريگري سان تراشي ان مان سھڻي مورتي ٺاھي ٿو، ٺيڪ انھي طرح ھڪ باڪمال ۽ بھترين استاد پنھنجي خداداد صلاحيتن سان پنھنجن شاگردن جي زندگيءَ ۾ ڪاميابي جا رنگ ڀري انھن جي وجود ۾ علم جي جوت جلائي پنھنجن ٻچن جھڙن شاگردن کي ڪاميابين جي بلندين تائين پھچائي ٿو. اسان جي استاد محترم پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سھتو صاحب (اڳوڻو ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور) جي آھي. پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو جو جنم سنڌ جي تاريخي ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ بالا سيٺارجا ۾ 11 ڊسمبر 1960ع تي الاهي بخش سهتو جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري توڙي هاءِ اسڪول جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ بالا سيٺارجا مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان 1977ع ڌاري سيٺارجا جي اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ انٽر ميڊيڪل گروپ ۾ گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1979 ۾ سُٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائون. جنهن بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائون جتان انگريزي شعبي ۾ بي ايس پاس ڪيائون. ان کانپوءِ پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪيائون. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ھن شعبي جي شروعاتي شاگردن مان ھئا جن سان پاڪستان اسٽڊيز شعبو شروع ڪيو ويو. بعد ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ”حسن علي آفندي ۽ ان جون تعليمي خدمتون“ جي موضوع تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪيائون، ڌاڙيلن جي عنوان تي پي ايڇ ڊي شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پروفيسر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر شعيب سڊنا جي نگراني ۾ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سهتو نوڪري جي شروعات سن 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس شاھه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور ۾ بطور ليڪچرر پاڪستان اسٽيڊيز سان ڪئي. سندس جواني وارو دؤر ذوالفقار علي ڀٽو جو ضياءَ جي خلاف ھلندڙ تحريڪي دؤر ھو، جڏھن زيڊ اي ڀٽو کي ڦاسي تي چاڙھي شھيد ڪيو ويو ته ان ڳالھه ڊاڪٽر صاحب جي دل ۽ دماغ تي ظلم، جبر، بربريت ۽ وڏيرا شاھي جي خلاف گھرا اثر ڇڏيا. انھي اثر جي ڪري سائين اڳتي ھلي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي.تحقيق دوران 70 کان 80ع نامي گرامي ڌاڙيلن سان سنڌو درياءَ جي ٻيٽن ۽ ڪچي جي حساس مقامن تي وڃي انٽريوز ڪري پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي ڀلي ڀت وائکو ڪيو. پوسٽ پي ايڇ ڊي آمريڪا جي ٽيڪسس رياست مان ۽ بعد ۾ نيو ميڪسيڪو مان به جديد تعليم لاءِ وڏي ڪاميابي سان ڪورس مڪمل ڪيو. بين الاقوامي سطح تي 20 آرٽيڪل مختلف ريسرچ جنرلن ۾ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر صاحب پھرين شادي سن 1978ع ۾ ڪئي جيڪا ارينج ميرج ھئي. گلن وانگر سائين جن به خيرپور ضلعي جي ھڪ معروف ۽ مشھور شخصيت آھن. جن پنھنجي تخليقي صلاحيتن جي آڌار تي نوجوانن جي زندگيءَ کي علم جھڙي نور سان منور ڪندي انھن کي معاشري جو ڪامياب انسان بڻائڻ ۾ ڪافي اھم ڪردار ادا ڪيو آھي، اڄ سائين جن جا ڪيترائي شاگرد ملڪي توڙي غير ملڪي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، ڪيترائي نوجوان اڄ ملڪ جي اعليٰ ادارن جي اھم عھدن تي پھچي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي انھن جو نالو روشن ڪري رھيا آھن. ڊاڪٽر صاحب جي پسنديده راڳين ۾ عابده پروين، مانجهي فقير ۽ موٽڻ شاھ شامل آھن، شاعري ۾ لطيف سرڪار، سچل سائين، سلطان باهو، خواجا غلام فريد پسند آهن. 18 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڪستان اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ، ڪمپلسري ۽ آپشنل سبجيڪٽس جا چيئرمين رهيا، جتي هن فرضن کي پورو ڪيو. يونيورسٽي ۾ مختلف دورن ۾ تقريبن 14 سالن تائين ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس جا فرض وڏي خوش اصلوبي سان سرانجام ڏنا. سن 2016 کان 2020ع تائين ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز رھيا. جتان 11 ڊسمبر 2020ع تي پنھنجي نوڪري تان رٽائر ٿيا، پروفيسر ڊاڪٽر امداد حسين سھتو جھڙا استاد ڪڏھن به پنھنجي پيشي تان رٽائر ناھن ٿيندا، ان ڪري اڄ اسان انھي ڏاھي ۽ مھان استاد جي ڪيل خدمتن تي سائين جن کي ٻنھي ھٿن سان سلام پيش ڪريون ٿا.