ليکڪ: امتياز عزيز بالادي
اسان جي سماج جي صورتحال ڏاڍي خطرناڪ ٿي وئي آهي جيڪڏهن پنهنجي آسپاس ٿورڙي نگاھ ڪجي ته خبر پوندي ته اسان هينئر نشي جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، گٽڪو، پان ۽ زهريليون نشي واريون سوپاريون هر جاءِ تي سستو ۽ عام ملندڙ نشو آهي، جنهن کي هر عمر جا ماڻهو واپرائين ٿا، اسڪول ويندڙ ٻار هجن يا ڪاليج ۽ يونيورسٽي پڙهندڙ نوجوان، نوڪري وارا ماڻهو هجن يا رٽائرڊ ملازم هر ڪو ڄاڻايل نشي سان پنهنجا کيسا ڀريو وتي، سچ ته اهو آهي ته هاڻ ماڻهن وٽ ڳالهائڻ جيترو به وقت ناهي، جتي ڏس وات ۾ سوپاري سان همراھ پيو اشارن ۾ ڳالهائي، ڪو چوڻ وارو ناهي، ڪو قانون ڪو آفيسر ڪا ڪورٽ ڪو به نٿو ڪڇي، هاڻي ته ننڍڙا ٻار چاڪليٽ ۽ بيسڪيٽ کائڻ بدران سفينا گٽڪا پيا کائين، آخر هاڻي ايندڙ نسل سان هي ٿئي ڇا پيو؟ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سميت هر قسم جا ادارا، پارڪ، شهر، ڳوٺ، گاڏيون ۽ هر جاءِ تي پٽ تي ڪريل نشيدار سوپاريون ايندڙ وقت بيمارين ۽ مسئلن جا ڍير پيدا ڪنديون، جن جي حل لاءِ وقتائتو قدم کڻڻو پوندو، حڪومت اهي ڪارخانا فيڪٽريون بند ڪري، پوليس سختي ڪري ۽ والدين ٻارن جو خيال رکن، عالم دين، استاد، سياسي ۽ سماجي اڳوڻ هڪ زبردست مهم هلائي نشي مان ماڻهن جي جان ڇڏائين. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن نشي جو عادي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهو پنهنجي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن، عام دوستن کان بلڪل ڪٽجي وڃي ٿو، اهو صرف انهن ماڻهن سان اٿ ويهھ رکندو جيڪي سندس ڪمپني جا هجن، ڇو ته هن لاءِ نشي کان وڌيڪ اهم ڪا به شي نه هوندي آهي، ڏينهن رات سندس سوچ ۽ خيال ۾ نشو ئي نشو هوندو آهي، سندس احساس، سندس خواب، سندس ترقي سندس ڀرپور جيون سميت سموري عام زندگي ان لاءِ اهميت ئي نه رکندي آهي، نتيجي ۾ کوڙ سٺا ذهن ۽ بهترين انسان پنهنجي ڦوھه جواني ۾ ئي جهور ٿي جهري ويندا آهن. نوجوان نسل ۾ تمام تيزي سان وڌندڙ آپگهات ۽ مايوسي جو سبب به گهڻي ڀاڱي نشو ئي هوندو آهي، نشو انسان کي هڪ اهڙي اونداهي رستي تي وٺي ٿو وڃي جتان واپس ڪير به ناهي موٽندو، هڪ ڏک واري ڪيفيت ۾ ماڻهو پنهنجي پاڻ مان بيزار ٿي انتها طرف وڌي ٿو، ڪنهن جي زندگي کي موت طرف ڌڪيندڙ يعني نشو وڪڻندڙ کي نشي جي ڪاروبار مان پيسو ته ملي ٿو پر ان مان ماڻهپو ختم ٿي وڃي ٿو، وڏي افسوس جي ڳالهھ ته اها آهي ته اسلامي فلاحي رياست ۾ مسلمان ئي نشو وڪڻندڙ آهي ۽ ماڻهن نشي وڪڻڻ کي کڻي ڪمائي جو ذريعو ٺاهيو آهي، ٻين جي زندگي برباد ڪري پنهنجي زندگي سنوارڻ وارن کي هتي ڀلي سزا کڻي نه ملي پر روز جزا کين سزا ضرور ملندي، خدارا اکيون پٽيو سستي ڇڏيو، قانون کي سخت حرڪت ۾ آڻيو ۽ نشي سان نفرت ڪري زندگي سان پيار ڪريو، زندگي ڏاڍي مٺي آهي زندگي خدا جي خاص نعمت آهي خدارا خدا تعالي جي هن انمول نعمت جو قدر ڪريو.