ليکڪ: اسد مشھور ميمڻ
ان ڳالهھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هرملڪ ۽ سماج ترقي جي چنڊ کي ڇھڻ جي خواھش رکي ٿو، ۽ انھن مان ڪي ملڪ يا سماج ان جاءِ تي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته ڪي وري ناڪام، هر هڪ ملڪ جي ترقي ان جي تعليم جي معيار سان تعلق رکي ٿي، جنھن ملڪ جو جيترو تعليمي نظام بھتر هوندو اوترو ئي اهو ملڪ ترقي جي ويجھو هوندو، ڇو ته سٺي تعليم ترقي جي آثارن مان هڪ اهم آثار جيڪڏهن اسان ترقي يافتا ملڪن يا ترقي طرف وڌندڙ سماجن جي فھرست ۾ نظر ڊوڙايون ٿا ته پنهنجي حالت ڏسندي اسان ٿڪاوٽ جو شڪار بڻجي مايوس ٿيون ٿا، ۽ ذھن ۾ هڪ سوال اڀري اچي ٿو ته اسان جي سماج جو شمار انھن سماجن ۾ ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪي سماج پنھنجي خوابن جي ساڀيان ۾ رُڌل آھن، جيڪي سماج پنھنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ ڏينهن رات بيچين آھن، جيڪي سماج ايندڙ نسلن جي استقبال لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي انھن کي سُکن جا تحفا ڏين ٿا. ان ناڪامي جو فقط هڪ ئي سبب آھي، جيڪو آهي اسان جو مدي خارج تعليمي نظام، اها تعليم جيڪا هوندي به نه هجڻ جهڙي آهي، اها تعليم جنھن مان شعور جو عنصر خارج ٿي چڪو آھي، اها تعليم جيڪا تربيت کي اپنائڻ ڇڏي وئي آھي، اها تعليم جيڪا فقط ڊگري جي هڪ پني تائين محدود ٿي چڪي آھي، اها تعليم جيڪاڪنھن وٽ آھي ۽ ڪنھن وٽ ناهي جي ڀيٽ ڪرڻ به تمام مشڪل ٿي وئي آھي، اها تعليم جيڪا نوڪري لاءِ سوين ڌِڪا ٿاٻا کائڻ کانپوءِ به ڪم نٿي اچي،آخرڪار اسان جي سماج ۾ تعليم جو معيار ڇو ڪري پيو آھي، سبب ڪھڙو آھي؟ اچو ته ان تي هڪ نظر وجھون!! سنڌ جي تعليم تباھه ڪرڻ ۾ وڏيرن، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن جو وڏو هٿ آھي، سنڌ جي عوام تي حڪمراني ڪندڙ ننڍو ٽولو ڪڏهن به نٿو چاهي ته غريب، مسڪين ۽ پورهيت عوام جو اولاد پڙھي لکي محنت ڪري پنهنجي منزل تي پھچي. جيڪڏھن غريب ۽ پورھيت عوام جي اولاد کي سٺي تعليم ڏبي ته اهي برابري ۽ سراسري واري نظام کي تشڪيل ڪندا،جنھن ۾ هر فرد جي دماغ ۾ انقلابي سوچ پيدا ٿيندي ۽ هر فرد کي پنهنجن حقن جي خبر پوڻَ سان گڏوگڏ انهن حقن جي حاصلات جي خواهش پڻ ٿيندي، جنھن ۾ محترم ابراهيم جويو صاحب جھڙا عظيم استاد ۽ رسول بخش پليجي صاحب جھڙا عظيم اڳواڻ وري وري جنم وٺندا ۽ عوام جو سھارو بڻجي پوندا، ۽ ڪھڙي به صورت ۾ غريب ۽ پورھيت عوام جا حق ڦٻائڻ نه ڏيندا، ۽ سرمائيدارن جو وجود ختم ڪري ڇڏيندا. اهو ئي سبب آھي جو سنڌي عوام کي تعليم جھڙي طاقتور هٿيار کان پري رکي ذھنن کي غلام بڻايو ويو آھي، جيئن ڪنھن ۾ به ڪو سوال ڪرڻ يا ڪنھن حڪم جي مخالفت ڪرڻ جيتري طاقت نه ھجي. جيئن چيو ويندو آھي ته جنھن به قوم کي تباھه ڪرڻو هجي ته فقط ان قوم جي تعليم کي توهان نشانو بڻايو پوءِ سموري قوم پاڻ تباھه ٿي ويندي، سنڌي قوم سان به ساڳي راند رچائي وئي آھي، ڪنھن به علائقي جي ھڪڙي به اسڪول يا ڪاليج کي ناهي بخشيو ويو، سموري سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباھ ڪيو ويو آھي. هڪ استاد ئي آھي جيڪو سماج جي ڪچن ذهنن ۾ سڌارا آڻيندو آھي، جيڪو شاگردن کي بھترين تعليم ڏئي انھن کي تربيت ۽ شعور سان روشناس ڪندو آھي، جيڪو سماج ۾ صحت جي بھتري جي لاءِ ڊاڪٽرن کي جنم ڏيندو آھي، جيڪو عمارتون ۽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرڻ لاءِ انجنيئرن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو سماجي ڀلائيءَ لاءِ شاگردن جي وجود ۾ اُتساھه پيدا ڪري ٿو، جيڪو سماج جي ترقي جا نوان گس بڻائي ٿو. پر بدقسمتي سان اسان جا اسڪول اھڙي قسم جي استادن کان محروم آھن،جنهن قوم جا استاد پاڻ ئي تعليم جھڙي زيور کان محروم هجن ته ان قوم جا شاگرد ڪھڙو مريخ تي پھچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، تعليم تباهه هجڻ سان اسڪولن ۽ ڪاليجن مان شاگرد فقط نالي ماتر ڊگريون حاصل ڪن ٿا، جن وٽ تعليم جو ڪو هڪ به آثار نظر نٿو اچي. هڪ ته اسان جي سماج ۾ نوڪرين لاءِ اڳي ئي جايون گهٽ آھن، ٻيو وري جڏهن هزارين شاگرد فقط نالي ماتر ڊگريون کڻي ڪنھن هڪ ئي اداري ۾ ڀرتي لاءِ وڃن ٿا ته اتي تقريبن 97 سيڪڙو اميدوار فيل ٿين ٿا، جنھن جي ڪري بيروزگاري جنم وٺي ٿي، ۽ عوام پنھنجي نصيب تي ڀاڙيندي پاڻ کي بدنصيب سمجھي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. خودڪشين جو انگ هر نئين ايندڙ سال واڌ کائي ٿو ۽ خودڪشين جي ڪري اسان جو سماج پٺتي پيل سماجن جي فھرست ۾ شامل ٿئي ٿو. صرف خودڪشيون ئي تعليم جي تباهيءَ جو نتيجو ناهن، سٺي معيار جي تعليم نه هجڻ سان ادارن کي هلائڻ لاءِ اهل ۽ قابل ماڻھو به اڻلڀ ٿي پون ٿا، جيڪڏهن اسان پنھنجي سماج ۽ قوم کي ترقي يافتا سماجن ۽ قومن جي فھرست ۾ ڏسڻ چاهيون ته اسان کي تعليم جي معيار ۾ بھتري آڻڻي پوندي، سماج جي هر هڪ فرد کي تاريخ، ادب، فلسفي، مذھب ۽ سائنسي ڪتابن سان دوستي رکڻي پوندي ۽ ڏينھن رات محنت ڪري نه فقط پاڻ کي مطالعو ڪرڻو پوندو پر سماج ۾ رهندڙ هر هڪ فرد ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻو پوندو. سنڌ جي تقريبن 70 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي، ان لاءِ اسان کي ڳوٺن ۾ رهندڙ شاگردن جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو. جيئن ڪنھن شاعر لکيو آھي ته؛
جھنگ جھر ۾ روشنيون اُڀري پون،
بر پٽن ۾ زندگيون اُسري پون،
ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون،
سنڌ تنھنجا ڳوٺ جي سڌري پون.
جيڪڏهن اڄ کان وٺي اسان پنھنجو پاڻ سان اهو وچن ڪيون ته اسان ڪتابن سان سچي دوستي رکنداسين ۽ فضول سرگرمين کان پرھيز ڪنداسين، ته سڀاڻي واري سج سان گڏ بھتري جي اميدن جا ڪرڻا به اڀرندا ۽ سماج ۾ هر ڪنھن سان عدل انصاف ٿيندو، نوڪريون ميرٽ تي ملنديون، شاگردن کي گريڊ پنھنجي اهليت تي ملندا، مخلص ۽ سيني ۾ ڌرتي جو درد رکندڙ سچا ماڻھو ايوانن تائين پھچندا ۽ هن پاڪ ڌرتي تي قائم هر اداري مان ڪرپشن جھڙي بُڇڙي بيماري ختم ٿي ويندي.