201

ڇا استعيفائن سان حڪومت تي ڪو اثر پوندو…؟؟

ليکڪ: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کانپوءِ عوام تبديلي سرڪار کان مايوس ٿي ويو آهي، تبديلي سرڪار نوڪريون ڏيڻ بدران اسٽيل ملز سميت ٻين ڪيترن ئي سرڪاري ادارن مان ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عوام جو سخت رد عمل اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن ۽ سڄي ملڪ جي عوام جون نظرون هاڻ پي ڊي ايم تي آهن، جنهن سبب تبديلي سرڪار به لوڏن ۾ آهي، وزيرن جا بار بار کاتا تبديل ڪرڻ به ان جي هڪ ڪڙي آهي، ۽ حڪومت  ڳالهيون ڪرڻ لاءِ به راضي ٿي وئي آهي، پر اپوزيشن عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ڳالهه تبديلي سرڪار کي پسند نه آهي، وزيراعظم عمران خان بار بار چئي رهيو آهي ته هو اين آر او ڪنهن کي نه ڏيندو، ڏٺو وڃي ته اپوزيشن کي اين آر او وٺڻو هجي ها ته نوازشريف عسڪري قيادت جا نالا نه کڻي ها ۽ حڪومت سان سڌيون ڳالهيون ڪيون وڃن ها، پر هتي ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو موقف سامهون آيو آهي، اپوزيشن مان هڪ جماعت مسلم ليگ (ن)جي انهيءَ نعري کي مقبوليت به ملي آهي ۽ پنجاب ۾ اڃا به وڌيڪ ملي آهي ڇو ته مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ ترقياتي ڪم به ڪرايا آهن، نه صرف ايترو پر سنڌ جي گادي واري شهر ۾ هڪ دهشتگرد تنظيم جون پاڙون به ميان نواز شريف ئي پٽيون،۽ ڪراچي ۾ هن وقت جيڪو امن آهي، اهو به ميان محمد نوازشريف جي ڪري ئي ٿيو آهي ۽ ڪراچي جي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي، ملڪي معشيت ۾ بهتري به نواز ليگ جي ڪوششن سان ٿي هئي پر تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ملڪ جي معيشت زوال پڻي جو شڪار ٿي وئي، ايتري قدر جو پاڪستان کان امداد وٺندڙ افغانستان جهڙو ملڪ به ترقي ڪري ويو، ان جي به معشيت اسان جي ملڪ کان بهتر ٿي وئي، رڳو ٻن سالن دوران اسان جي ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو، ملڪ جي معشيت تباهه ٿي وئي، ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، وزيراعظم عمران خان جيڪو به اعلان ڪري ٿو، ڪم ان جي ابتڙ ئي ٿي رهيو آهي، عمران خان غريب ماڻهن کي اجها ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو گهر ڏيڻ ته پري هن وقت تائين لکين ماڻهن جون ٻرندڙ چلهيون ئي وسائي چڏيائين، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ماڻهن جا گهر ڊاٺا پيا وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته اهي غيرقانوني طور رهن پيا ۽ قبضا آهن، جيڪڏهن اهي قبضا ٿيل آهن ته پوءِ ڀارت، بنگلاديش ۽ افغانستان مان آيل لوڌ ڇا قانوني آهي؟ هن وقت مهانگائي، بيروزگاري،بک ۽ بدحالي جو راڄ آهي عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن،جڏهن تبديلي سرڪار جي حڪومت آئي، ان وقت وزيراعظم عمران خان چوندو هو ته عوام مون سان گڏ آهي، تمام جلد ملڪ ۾ ماڻهن کي نوڪريون ۽ روزگار فراهم ڪنداسين، پر ٿيو ته ڪجهه به نه.جڏهن کان پي ڊي ايم جا جلسا شروع ٿيا ته وزيراعظم چوڻ شروع ڪيو ته اپوزيشن ڪجهه به ڪري، حڪومت ڪا نه ويندي، ڌرڻن سان ڪو به فرق نه پوندو، جيڪڏهن واقعي ڌرڻن سان فرق نه پئي ها ته مسلم ليگ (ن) وڪيلن جي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي خلاف اسلام آباد ڏينهن رخ نه ڪري ها، نه ئي پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ها، ماضي جي حڪومتن ۾ سياسي پارٽين کي جلسا جلوس ڪرڻ کان نه روڪيو ويندو هو، پر نئين پاڪستان ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي شيلنگ ڪئي ويندي آهي، جلسا ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، پراڻي پاڪستان جي جمهوريت ۽ نئين پاڪستان جي جمهوريت ۾ اهو ئي فرق آهي، جيڪو اڄ نظر اچي رهيو آهي، حڪومت اپوزيشن کي جلسن کان روڪي ثابت ڪري رهي آهي ته ان وٽ جمهوريت نالي ڪا به شيءَ نه آهي، جيڪڏهن حڪومت جمهوريت پسند هجي ها ته اپوزيشن  جي اڳواڻن جا بيان ميڊيا تي نشر ٿين ها، انهن تي پابندي  نه لڳائي وڃي ها، پر افسوس جو اڄ ڪلهه اپوزيشن جي اڳواڻن جا بيان سڌي ريت نشر نه ڪيا ويندا آهن، جن ماضي ۾ ڌرڻا هنيا، اهي اڄ چئي رهيا آهن ته پي ڊي ايم ملڪ دشمن ايجنڊا تي هلي رهي آهي، اهي لفظ آمريت جي دور ۾ ڳالهايا ويندا آهن ته جيئن جمهوريت پسند پنهنجو موقف عوام تائين نه پهچائي سگهن، جمهوريت ۾ سياسي پارٽين کي پنهنجي سياسي قوت ڏيکارڻ جي مڪمل اجازت هوندي آهي پر نئين پاڪستان جي ته تاريخ ئي الڳ لکي ويندي ته ڪيئن ملڪ جي معشيت کي تباهه ڪيو ويو، غريب ماڻهن تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي انهن کي پريشان ڪيو ويو، ايتري قدر جو انساني جانيون بچائيندڙ دوائن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريبن کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو ۽ الزام وري ماضي جي حڪومتن تي لڳايو ويو، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي اقتداري دور ۾ ماڻهو خوشحال ٿي رهيا هئا پر ٻن سالن اندر اهي پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڇا اهو سڀ ڪجهه ماضي جي حڪومت جي ڪري ٿيو آهي يا وري موجوده حڪومت جي ناقص پاليسين جي ڪري ٿيو آهي، صاف ظاهر آهي ته موجوده حڪومت رڳو ماڻهن کي بيروزگار، بي گهر ڪرڻ ڄاڻي ٿي، جنهن کي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، اپوزيشن جماعتن کي به خبر آهي ته ملڪ جو واپاري طبقو توڙي غريب ماڻهو موجوده حڪومت جي پاليسين کان بيزار آهي، تنهن ڪري هنن موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارو بال عوام جي عدالت ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.  پي ڊي ايم جلسن ۾ عوامي سمنڊ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته حڪومت لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن، نئون سال عوام لاءِ  نيون اميدون کڻي ايندو، عوام ڪورونا وائرس جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پي ڊي ايم جي جلسن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، لاهور جي جلسي لاءِ به ماڻهو گهرن کان نڪر لاءِ تيار آهن، هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ملڪ ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جو اتحاد وڏي مضبوط طريقي سان ٿيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جي يو آءِ ئي ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جيڪا جمهوريت پسند سياسي پارٽين کي هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي، مولانا فضل الرحمان سمورين پارٽين جو اتحاد جوڙي حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، مولانا اڳ ئي چئي ڇڏيو هو وٽن استعيفائن وارو  پلان به موجود آهي، ان حوالي سان پي ڊي ايم وارن حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت وفاق کي ڪيرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ مولانا فضل الرحمان به پيپلزپارٽي وارن سان بار بار ملاقاتون ڪري رهيو آهي، نواز ليگ جي ميمبرن به پنهنجون استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، ايتري قدر جو سنڌ جي پ پ ايم اين ايز به پنهنجو استعيفائون پارٽي قيادت کي ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻ وزيراعظم عمران خان پاڻ کي هٽائڻ لاءِ اپوزيشن کي پارلياماني طريقو ٻڌائي رهيو آهي، جنهن وزيراعظم پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ اسيمبلي جي ٺهرائن جو احترام نه ڪيو، اهو شخص اڄ جمهوري طريقي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، انهيءَ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران ٿڏي سنڌ جي ٻِيٽن تي وڏا شهر اڏڻ جو مشن جاري رکيو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم عمران واقعي جمهوريت پسند هجي ها ته کيس سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن، ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ به پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف روڊن تي آهن، پر حڪومت طاقت جي نشي ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري اڏاوتي ڪم تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم وارن جو استعيفائن وارو فيصلو سٺو آهي پر جيڪا حڪومت اپوزيشن جي موجودگي ۾ اسيمبلين مان پنهنجا من پسند بل منظور ڪرائي ڇڏي، ننڍن صوبن جا حق کائي وڃي، آءِ جي جي اغوا کي ڪجهه نه سمجهي، ان حڪومت تي استعيفائن جو ڪو به فرق نه پوندو، هن وقت عوامي طاقت ئي پي ڊي ايم جي سياسي طاقت آهي، اپوزيشن کي هر قدم سنڀالي کڻڻو پوندو، متان ڪٿي جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تان لهي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو