راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ 2 ناريون وڙهندي ڇت تان ڪِري پيون، نتيجي ۾ هڪ ناري فوت ۽ ٻي زخمي ٿي پئي. پوليس مطابق نائٽ پارٽي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران 2 ناريون ڇت تان ڪري پيون، نتيجي ۾ هڪ ناري دم ڏنو ۽ ٻي زخمي ٿي پئي، جهيڙي دوران هائوسنگ سوسائٽي جي سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان پڻ زخمي ٿي پيو، اسلام آباد پوليس ۽ امدادي ٽيمن پهچي مقتولا ناري جي لاش ۽ زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو. پوليس مطابق فليٽ ۾ موجود 4 نوجوانن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.
238