271

جن جا رخ مختلف هجن انهن جي منزل هڪ نٿي ٿي سگهي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اهي آر ٿيا نه پار ٿيا، اهي صرف خوار ٿيا، لاهور جو جلسو هڪ فلاپ شو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عوام مخالف ڌر کي ان جي بياني سميت رد ڪري ڇڏيو آهي، لاهور ۽ پنجاب جي شهرين جي عدم شرڪت سبب پي ڊي ايم اڳواڻن جي چهرن تي هوائون اڏري رهيون هيون، هن چيو ته جن جا رخ مختلف هجن انهن جي منزل هڪ نٿي ٿي سگهي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪراچي جلسي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ڪئي وئي، وفاقي وزير چيو ته ڪوئيٽا جلسي ۾ پاڪستان ٽوڙڻ جو پيغام ڏنو ويو جڏهن ته لاهور جلسي ۾ لاهورين کي غدار چيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو