257

والاريل ڪشمير ۾ ظلم جو سلسلو جاري: ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ 2 ڪشميري شهيد

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين هٿان معصوم ڪشميرين جو قتل عام ۽ ملڪيتن جي تباهي جو سلسلو مسلسل جاري آهي. پونڇ ضلعي ۾ قابض فوجين وڌيڪ ٻه ڪشميرين کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس طرفان جاري هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين جو قتل عام مسلسل جاري آهي ۽ هلندڙ سال هن وقت تائين ڀارتي فوجي 250 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪا آهن. قابص فورسز 1989ع کانپوءِ هن وقت تائين 95 هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ۽ هڪ لک ڏهه هزار 375 کان وڌيڪ عمارتن کي تباهه ڪري چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو