241

ن ليگ طرفان ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 31ڊسمبر تائين استعيفائون جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ سوڌو پي ڊي ايم جي سمورن فيصلن تي اعتماد بابت صلاح مشورا ڪيا ويا. ان موقعي تي  ليگي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 31 ڊسمبر تائين استعيفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نواز ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس  مريم نواز، شاهد خاقان عباسي ۽ خواجا آصف جي گڏيل صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرن ۽ مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ استعيفائون اسپيڪر آڏو جمع ڪرائڻ جوا ختيار پارٽي قيادت حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور ۾ ڪامياب جلسو ڪوٺائڻ تي مريم نواز سوڌو پي ڊي ايم جي سموري قيادت کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو