196

ڀارت کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي: آمريڪي تنظيم جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ انساني حقن ۽ عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيم جي صدر بيورلي هل اڳوڻي صدارتي اميدوار ۽ نئين چونڊيل ڪانگريس ميمبر ايلرڊ ڪولن کي مبارڪون ڏيندي هن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وڏي پيماني تي جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ڏانهن ڏياريو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق بيورلي هل پنهنجي اي ميل پيغام ۾ لکيو ته پيلٽ بندوقون ۽ ٻيا هٿيار تيار ڪندڙ آمريڪي ڪمپني سيگ سويپر تي ڀارت کي اهي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. ڀارتي حڪومت نيو همپشائر جي هٿيار تيار ڪندڙ ڪمپني سان هڪ سو ملين ڊالر جون 72 هزار ليلٽ گنون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪري رهي آهي. بيورلي هل جو چوڻ آهي ته اطلاعن مطابق ڀارتي حڪومت اڳ ۾ کان خريد ڪيل اهي آمريڪي هٿيار ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين خلاف استعمال ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو