255

افغان صوبي ننگرهار ۾ روڊ ڪناري بم ڦاٽڻ سبب 4 شهري مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀر واري صوبي ننگرهار ۾ روڊ ڪناري نصب ٿيل بم ڦاٽڻ سبب 4 شهري مارجي ويا. چيني خابرو اداري مطابق صوبائي گورنر ضياالحق عمر خيل ٻڌايو ته ضلعي خوگياني واري علائقي زاوي ۾ گاڏي روڊ ڪناري نصب ٿيل بم سان ٽڪراجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ان ۾ سوار 4 ماڻهو موقعي تي مارجي ويا. هن واقعي جو الزام طالبان تي هنيو ويو آهي جڏهن ته طالبان ان واقعي جي باري ۾ ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو