235

قصور ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب عورت ٻن ٻارڙن سوڌو فوت، ٻيا ڀاتي بيهوش

قصور  (ويب ڊيسڪ) قصور ۾ بٺي تي ڪم ڪندڙ عورت ۽ سندس 2 ٻار مبينا طور تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته گهر جي ٻين ڀاتين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. نجي ٽي وي چينل موجب پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته قصور جي پسگردائي واري ڳوٺ سهاري ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سان هڪ ئي خاندان جا 3 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. ريسڪيو ٽيم خاندان جي ٻين ماڻهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو  ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو