258

سن شهري ايڪشن ڪميٽي ٻيهر فعال، عهديدارن حلف کڻي ورتو، شڪايتن تي اسپتال جي انچارج سان ملاقات

سن (ن سوڀ) سن شهري ايڪشن ڪميٽي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان غيرفعال بڻيل هئي، ان کي ٻيهر سليڪشن ڪري نوان عهديدار چونڊي فعال ڪيو ويو آهي، جنهن جي حلف برداري تقريب سماجي سڌارڪ  ۽ شاھ حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جي سرواڻ ڊاڪٽر ضياءَ الحق جي صدارت هيٺ  سن ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ شهر واسين، دڪاندار ۽ واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهري ايڪشن ڪميٽي جي چونڊيل چيئرمين سيد محسن شاهه، وائيس چيئرمين شبيراحمد گراڻُو، سينيئر وائيس چيئرمين سيد قاسم علي شاهه،  جنرل سيڪريٽري سينيئر صحافي عبدالمجيد عمراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري انور علي مڱڻهار، خزانچي غلام علي ڇڇر، پريس سيڪريٽري غلام رسول خاصخيلي، آفيس سيڪريٽري لونگ خان سومرو ۽  اطلاعات سيڪريٽري سيد تراب علي شاهه جن کي بنا سليڪشن ڪري ٻن سالن لاءِ چونڊيو ويو،جڏهن ته 11سي سي جا پڻ ميمبر چونڊيا ويا، جن ۾ چاندي پليجو، خميسو شاهه، عنايت الله شاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن، سمورن نون 40 عهديدار کي تقريب جي صدارت ڪندڙ  ڊاڪٽر ضياءَ الحق شاھ حلف کڻايو، حلف برداري تقريب  کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ضياءِ شاھ چيو ته سن شهر تاريخي شهر آهي، جنهن جا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن، عوام چونڊيل نمائندن جي آسري تي هوندو آهي، شهر جي ماڻهن وٽ ڪو پليٽ فارم نه هو جنهنڪري شهرين جا انيڪ مسئلا ڪر کنيو بيٺا هئا ۽ اڪثر ڪري شهري پريشان هوندا هئا، ٻين ۾ شهرن ۾ ماڻهو چونڊيل نمائندن جي آسري لڳڻ بدران پنهنجا ننڍا وڏا  شهري اتحاد ٺاهين ٿا جيڪي تمام بهتر ڪم ڪن، اسان سن شهري ايڪشن ڪميٽي جي بحال ٿيڻ تي اها اميد ڪري سگھون ٿا ته چونڊيل ڪميٽي جا عهديدار شهرين جو ساٿ ڏئي عام شهرين سان پيش ايندڙ انهن جي جائز مسئلن تي انهن سان گڏ هوندا ۽ ناجائزي خلاف آواز بلند ڪندا.  شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سيد محسن شاھ چيو ته اسان کي جن اميدن سان شهر واسين عهدن تي چونڊيو آهي اسان انهن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسون، شهرين جي هر جائز مسئلي تي انهن سان هر وقت گڏ هونداسون ۽ اسان به شهرين مان اها ئي اميد رکون ٿا ته شهري اسان سان گڏ هوندا، شهري ايڪشن ڪميٽي جي باڊي ٻن سالن لاءِ چونڊي وئي آهي جڏهن ته شهري ايڪشن ڪميٽي سن واسين جي جائز بنيادي مسئلن تي آواز نه اٿارڻ تي شهرين کي اهو اختيار ڏنو ويو ته اهي شهري ڪميٽي جي باڊي کي وقت کان اڳ ٽوڙي سگهن ٿا.  شهري ايڪشن ڪميٽي حلف کڻڻ کان پوءِ رورل هيلٿ سينٽر سن ۾ ڊاڪٽر ۽ دوائون جي کوٽ  ۽ ڊاڪٽر پاران مريضن سان اڍنگو رويو اختيار ڪرڻ واري عوامي شڪايت تي چار رڪني وفد جنهن ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين سيد محسن شاھ، انور منڱڻهار ، لونگ سومرو  ۽ عبدالمجيد عمراڻي شامل هئا، تن رورل هيلٿ سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر نبي بخش رند سان ملاقات ڪري شڪايتن بابت ڀڇاڻو ڪيو ته انچارج غيرقانوني طور تي مريضن لاءِ آيل دوائن مٿان ڪيل قبضو ختم ڪري اسٽاف کي رات جو به ايندڙ مريضن کي دوا ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته انچارج ڊاڪٽر نبي بخش رند  ڊاڪٽرن جي کوٽ به ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو