واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سپريم ڪورٽ 3 مسلمانن کي ايف بي آءِ ايجنٽن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪا جي سپريم ڪورٽ ٽن مسلمان شهرين جي حق ۾ پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ چيو آهي ته هو فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي (ايف بي آئي) جي ايجنٽن خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪري سگهن ٿا. ڇو ته انهن مبينا طور تي ايف بي آئي جو مينيجر بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن سبب آمريڪي حڪومت کين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي هئي. مذهبي آزادي جي حامي قدامت پسند جج ڪليرنس ٿامس اڪثريتي رائي جو فيصلو لکندي چيو ته اهي ماڻهو مذهبي آزادي بابت 1993ع جي قانون تحت پنهنجي نجي حيثيت ۾ ايجنٽن خلاف ڪيس داخل ڪري سگهن ٿا. جسٽس ٿامس 11 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ پنهنجي رائي ڏيندي چيو آهي ته مذهبي آزادي جو قانون ڌرين کي ڪيس جي اجازت ڏئي ٿو ته هو نجي حيثيت ۾ وفاقي اهلڪارن خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪري سگهن ٿا.
258