281

ماهره خان کانپوءِ صنم جنگ به ڪورونا وائرس جو شڪار، ڌيءُ سوڌو آئسوليٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماهره خان کانپوءِ صنم جنگ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڌيءُ سوڌو آئسوليٽ ٿي وئي آهي.  مارننگ شو جي ميزبان ۽ مشهور اداڪاره صنم جنگ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بابت انسٽاگرام ۾ عوام کي آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي پر الله جو شڪر آهي ته ڪورونا جي ڪابه سنگين علامت ظاهر ناهي ٿي، ان باوجود مون پاڻ کي ڌيءُ سميت آئسوليٽ ڪري ورتو آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته ڪورونا وائرس کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي، هي بيماري ڪو افسانو ناهي پر حقيقت آهي ان ڪري ان کان بچڻ لاءِ سمورن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريو، ماسڪ پايو ۽ عوامي هنڌن تي وڃڻ کان پرهيز ڪندي گهر تائين محدود رهو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو