ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز مڪمل اِي پورٽل سسٽم تيار ڪندي يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيل 60 گورنمينٽ ڊگري ڪاليجن کي ڊجيٽل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڄاڻايل ڪاليجن پاران ائسوسيئيٽ ڊگري پروگرام (اي ڊي پي) ۾ شروع ڪيل داخلائن جا فارم آن لائين ڀري سگهجن ٿا. ڄاڻايل نظام سان مجموعي طور هڪ لک جي لڳ ڀڳ شاگرد پنهنجي اِي پورٽل ذريعي گهر ويٺي پنهنجا داخلا ۽ امتحاني فارم توڙي ٻي معلومات حاصل ڪري سگهندا. اِي پورٽل جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئمپ آفيس ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت ڪاليجن واري داخلائن، امتحانن، فيس جي سلپن ۽ ٻين معاملن کي ڊجيٽل ڪرڻ واري عمل کي تعليمي ميدان ۾ انقلاب ۽ آف ڪئمپس شاگردن لاءِ فائديمند قرار ڏنو ۽ چيو ته شاگرد هاڻي نه صرف گهرن ۾ ويهي پنهنجن ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهندا پر سرٽيفڪيٽ، فيس جمع ڪرائڻ جا چالان ۽ يونيورسٽيءَ جا نوٽيفڪيشن پڻ حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان گڏ ڪاليجن جي شاگردن کي پڻ سهولتون ڏنيون پيون وڃن، ته جيئن ڪاغذن کي ڦوٽو ڪرڻ واري نظام ۽ ڪاليجن جا چڪر ڪاٽڻ واري عمل کان شاگردن کي بچائي سگهجي ۽ اچ وڃ جا خرچ بچائي سگهجن. هن چيو ته آن لائين اِي پورٽل سان شاگردن کي گهڻو لاڀ ملندو ۽ مالي وسيلا گهڻي حد تائين بچائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آءِ ٽي سروسز سينٽر جو فائدو وٺندي يونيورسٽيءَ ۾ سمورا ڪاغذي ڪم ڪمپيوٽر تي منتقل ڪيا پيا وڃن، جنهن سان رڪارڊ گهڻو محفوظ ۽ هڪ ڪلڪ تي دستياب هوندو.
326