لاهور (م ڊ) پي ڊي ايم وفاقي حڪومت کي 31 جنوري تائين مستعفي ٿيڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي ۽ استعيفا نه ڏيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي تياري شروع ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن جاتي امرا ۾ پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جي هنگامي گڏجاڻي مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿي. اها گڏجاڻي ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ تحريڪ جي ٻي مرحلي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي ۽ ان تي اتفاق ڪيو ويو ته تحريڪ جي ٻي مرحلي جي شروعات وڏي زور سان ڪئي ويندي، پي ڊي ايم جو اتحاد هر صورت ۾ قائم رهندو. گڏجاڻي کان پوءِ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم جو هنگامي سربراهي اجلاس ٿيو، ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ته قوم آڏو وضاحت ڪجي ته 31 ڊسمبر تائين پي ڊي ايم جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پنهنجون استعفائون پنهنجي پارٽي قيادت وٽ پيش ڪري ڇڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تي واضح ٿا ڪريون ته حڪومت 31 جنوري تائين استعفا ڏي، جيڪڏهن ان استعفا نه ڏني ته پوءِ پهرين فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان پڻ ڪيو ويندو، پر ملڪ جو عوام هينئر کان ئي لانگ مارچ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيرنگ ڪميٽي صوبن کي لانگ مارچ جي تيارين جي سلسلي ۾ جيڪو شيڊول ڏنو آهي اهو جيئن جو تيئن برقرار رهندو. مرڪزي اڳواڻ ۽ اسٽيرنگ ڪميٽي جا ميمبر جنهن جنهن صوبي سان واسطو رکن ٿا اهي پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ ميزبان هوندا، اهي پنهنجي پنهنجي صوبي ۽ علائقي ۾ لانگ مارچ جي تياري لاءِ گڏجاڻيون ڪري انتظام ڪندا. هن چيو ته هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور تي چونڊ وڙهنديون آهن. اسان جون سموريون پارٽيون اهڙو قدم نه کڻندايون جنهن سان جمهوريت کي ڪو نقصان ٿئي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان اهو چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته هنن سان ڳالهيون ڪرڻيون ئي نه آهن پرجيڪڏهن هي اسيمبليون ٽوڙين ۽ اليڪشن جو اعلان ڪن ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال ٿئي ٿي جنهن ۾ ڳالهين جي تجويز اچي ٿي پوءِ سوچي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسين ڪنهن به صورت ۾جمهوريت کي نقصان نه پهچائنداسين، اسين ميڊيا جي آزادي چاهيون ٿا پر حڪمران ۽ آمريتي ذهنيت رکندڙ ماڻهن ميڊيا کي پنهنجي گهر جي نوڪرياڻي ڪري رکڻ گهرن ٿا، پي ڊي ايم جي جلسي واري معاملي ۾ ميڊيا تي دٻاءُ وڌو ويو، هن حڪومت ۾ پاڪستان جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحت ئي نه آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان فيصلو ڪنداسين. ڳالهين جو وقت گذري ويو هاڻي رڳو مارچ ڪرڻ ۽ عمران خان جي وڃڻ جو وقت آهي. استعيفائن جي حوالي سان حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي شهباز شريف سان تعزيت ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي ان ڪري مون شهباز شريف سان تعزيت ڪرڻ لاءِ جيل اختيارين کي ملاقات ڪرڻ بابت درخواست ڏني آهي. ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ جي اجلاس ۾ جلسي جي ناڪامي تي ناراض ٿيڻ بابت غلط خبرون هلايون ويون جنهن جي اسان ترديد ڪريون ٿا. مون جلسو ننڍو رکڻ جي ڳالهه ضرور ڪئي ڇو ته ڪيترائي رش سبب اندر نه پئي اچي سگهيا. ماڻهو ڪلاڪن تائين بيٺا رهيا ۽ رش جي ڪري ڪرسيون خبر نه آهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويون. هن چيو ته ايتري سيءَ جي باوجود عوام جي رش ۽ جوش گهڻو هو. ڪورونا، حڪومتي پروپيگنڊه، پاڻي ڇڏڻ جي باوجود لاهور ڪنهن شئي جي پرواهه نه ڪئي. حڪومت کي به حقيقت جي خبر پئجي چڪي آهي ۽ هنن وٽ ماتم لڳو پيو آهي. اسان هاڻ عوام جي عدالت ۾ وڃي چڪا آهيون، هاڻ سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي پوئتي هٽڻو ئي پوندو مريم نواز هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ڊي ايم کي چونڊ اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ وقت کان اڳ ٿيندو. اسان گڏيل عوامي ايجنڊا تي متفق آهيون. چونڊن ۾ هڪ ٻي جا مخالف ضرور آهيون پر هڪ ٻي جا دشمن نه آهيون.
