اسلام آباد(م ڊ) نيپرا بجلي هڪ رپيو 11 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر، رپورٽ موجب نيپرا بجلي وڌيڪ هڪ رپيو 11 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي آهي، فيول ايجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، نيپرا موجب اهو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه ٿيندو، بجلي قيمت ۾ واڌ سيپٽمبر جي فيول پرائس ايجسٽمينٽ جي مد ۾ ٿيندي، فيصلو 50 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ لائيف لائين صارفين تي لاڳو نه ٿيندو. هوڏانهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 رپيا في ليٽر تائين واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، عالمي مارڪيٽ جي حساب سان 6 رپيا 88 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ 5 رپيا 24 پئسا مهانگو ٿيو آهي، حڪومت پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪري پيٽرول في ليٽر 3 رپيا واڌ ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپين تائين واڌ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مٽاسٽا جو اعلان اڄ 15 ڊسمبر تي ٿيندو، فيصلو 16 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو.
233