235

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ تاريخي جلسو هوندو: فريال ٽالپر

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي ميرپورخاص ضلعي جو اجلاس ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ضلعي صدر مير منور ٽالپر جي صدارت ۾ ميرپورخاص ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي فريال ٽالپر خاص طور  شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته شهيد راڻي بيبظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي جا جيالا قافلن جي شڪل ۾ لاڙڪاڻي پهچي جلسي کي تاريخي بڻائيندا، هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسي کي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا، ان موقعي تي هن پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جلسي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ عوام سان رابطو ۽ تياري ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيون، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي مير منور ٽالپر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام جي حقن جي حفاظت ڪئي آهي، عوام جي حقن تي راتاها هڻندڙن آمرن خلاف ڀٽو خاندان ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي جدوجھد ۽ قربانين سان ڀري پئي آهي، هن چيو ته اڄوڪو اجلاس شهيد جمهوريت شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي جي تياري جي حوالي سان منعقد ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي جي جلسي کي تاريخي جلسو بنائڻ لاءِ پوري سنڌ مان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ لاڙڪاڻي پهچندا ۽ حڪمرانن کي عوام جي طاقت جو مظاهرو ڏيکاريندا، هن چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جي نااهلي جي ڪري پوري ملڪ جي عوام سخت معاشي پريشانين جون شڪار آهي ۽ حڪومت مان تنگ اچي چڪي آهي،  پي ڊي ايم جي جلسن ۾ عوام جو سمنڊ ڏسي حڪمران وائڙا ٿي چڪا آهن، پيپلزپارٽي جي دور ۾ عوام هميشه سک جو ساھ کنيو آهي، اُهو وقت ڏور ناهي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ تي پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو، اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي نوراحمد ڀرڳڙي، ميرطارق خان ٽالپر، اڳوڻو چيئرمين ضلع ڪائونسل مير انور علي خان ٽالپر، ميرحسن ڌونڪائي، عبدالسلام ميمڻ، مختلف ونگن جي اڳواڻن سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو