198

سنڌ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 58 ڄڻا ڪورونا ۾ فوت، ملڪ ۾ 72 ڄڻا پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا

اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 58 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ 72 ڄڻا پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا، سنڌ ۾ 15 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس سبب گهرن ۾ 53 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس حيدرآباد ۾ رپورٽ ڪيا ويا، رپورٽ موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 41426 ڪيل ٽيسٽن مان 3369 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ مريضن جو انگ 4 لک 38425 تائين پهتو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڊسمبر جي 15 ڏينهن دوران ڪورونا وائرس سبب گهرن ۾ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، نومبر جي مقابلي ۾ ڊسمبر جي 15 ڏينهن ۾ گهرن ۾ فوت ٿيڻ جو 47 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري 203 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 26 سيڪڙو ماڻهو گهرن ۾ فوت ٿيا آهن، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ 58 ڪورونا وائرس جا مريض جو فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ 3222 تائين پهچي ويو آهي ۽ 1520 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 10289 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ مثبت ڪيسن جو انگ 198482 ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ وڏي وزير چيو ته بدقسمتي سان گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 58 مريض فوت ٿي ويا  ۽ فوتين جو انگ وڌي 3222 تائين ٿي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح بڻجي ٿي. مراد علي شاهه چيو ته 10289 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 1520 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪي 14.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2166999 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 198482 ڪيس پڌرا ٿي چڪا آهن، انهن مان 85 سيڪڙو يعني 169385 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر صحتياب ٿيندڙ 1176 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 25875 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 24965 گهرن ۾، 16 آئسوليشن مرڪزن ۽ 894 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 801 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي انهن مان 83 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1520 نون ڪيسن مان 1273 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلعي اوڀر 422، ضلعي ڏکڻ 343، ضلعي سينٽرل 220، ضلعي ڪورنگي 145، ضلعي ملير 78 ۽ ضلعي اولهه 65 شامل آهن جڏهن ته حيدرآباد ۽ مٽياري 27-27، ڄامشورو 14، ٺٽو 10، سکر 7، ٽنڊوالهيار 6، عمرڪوٽ ۽ دادو 4-4، ڪشمور، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز 2-2، بدين، قمبر، خيرپور، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان ۽ ٿرپارڪر ۾ 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته وقفي وقفي سان هٿ ڌوئي پاڻ کي محفوظ رکن، ٻاهر نڪرڻ وقت ماسڪ پائين ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو