اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي زنا جي روڪٿام واري آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آرڊيننس سان عورتن ۽ ٻارڙن خلاف جنسي زيادتين وارا واقعا جلد اڪلائڻ ۾ مدد ملندي، جنسي زيادتي جي جوابدارن جو تڪڙو ٽرائل ۽ ڪيس جلد کان جلد اڪلائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپيشل عدالتون جوڙيون وينديون ۽ خاص عدالتون 4 مهينن اندر جنسي زيادتي وارن ڪيسن کي اڪلائينديون. آرڊيننس تحت وزيراعظم عمران خان جنسي زيادتي جي روڪٿام جا سيل جوڙائيندو، ڄاڻايل سيل 6 ڪلاڪن اندر اندر متاثر ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو پابند هوندو، جڏهن ته نادرا جي مدد سان قومي سطح تي جنسي زيادتي جي ڏوهارين جو رجسٽرڊ تيار ڪيو ويندو. آرڊيننس تحت جنسي زيادتي جي متاثرن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڀڃڪڙي تي سزا به ملي سگهي ٿي.
327