225

ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام، بلاول هائوس سامهون گاڏي ۾ لڳايل بم کي ناڪاره بڻايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ گاڏي ۾ لڳايل بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ڏکڻ شيراز نذير مطابق شڪي موٽرسائيڪل ۾ بم جو اطلاع 15 مددگار تي ڏنو ويو، جنهن تي پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم موقعي تي پهتي ۽ 200 ميٽر واري علائقي کي گهيري ۾ آڻي شهرين کي ٻاهر ڪڍيو ويو. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ بم لڳايو ويو هو ۽ گاڏي بلاول سامهون بيٺل هئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موقعي تي پهچي بم کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. پوليس مطابق هلندڙ گاڏي ۾ ميگنيٽڪ بم لڳايو ويو هو، جڏهن ته گاڏي ۾ پرڏيهي سوار هئا، جن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جن کان جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو