284

لاهور جلسو : مريم نواز سوڌو پي ڊي ايم جي مرڪزي اڳواڻن خلاف وڌيڪ ٻيو ڪيس داخل

 لاهور (ويب ڊيسڪ)حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ طرفان 13 ڊسمبر تي ڪيل احتجاجي مظاهري جو ڪيس پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ مريم نواز، خواجا سعد رفيق، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، رانا ثناءَ الله ۽ مريم اورنگزيب کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ رانا تنوير ، خواجا آصف، طلال چوڌري، اياز صادق، ملڪ پرويز، رانا، مبشر اقبال، شيخ روحيل اصغر، سميع الله خان، افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ سميت ٻيا اڳواڻ به ايف آءِ آر شامل ڪيا ويا آهن، اهڙو ڪيس پي ايڇ ڊي جي سڪيورٽي آفيسر جي فرياد تي لاري اڏا ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪورونا ايس او پيز تي جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ايڪو سائونڊ ايڪٽ سوڌو ٻيا 15 قلم شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جسلي ۾ شريڪ ماڻهن قومي ورثي جي بي حرمتي ڪئي ۽ ايترو نقصان ڪيو آهي جو ان جو پوراءُ ڪرڻ مشڪل آهي، ايف آءِ آر ۾وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ڊي ايم جي ماڻهن پارڪ جو گيٽ ۽ جهنگلا ٽوڙي پارڪ ۾ داخل ٿيا جتي ڀڃ ڊاهه ڪري نقصان پهچايو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو