لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڊولفن پوليس عورت کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ ۽ کيس زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڪارروائي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو آهي. 4 هٿياربند عورت کي اغوا ڪري زيادتي جي سلسلي ۾ ويران هنڌ ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا ته ڊولفن پوليس 15 جي ڪال تي ترت ڪارروائي ڪندي عورت جي عزت کي محفوظ ڪيو ۽ عورت کي ٿاڻي لياقت آباد منتقل ڪيو. پوليس مطابق رڪشا سوار عورت کي 4 هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو، پوليس جي پهچڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار جهانگير مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. رڪشا ڊرائيور مطابق جوابدار نشي ۾ ڌت هئا جيڪي رڪشا ۾ سوار عورت کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته ساڻن پوليس جو مقابلو ٿي پيو.
277