اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جاپان پاران ڪورونا جي روڪٿام لاءِ پاڪستان کي 1.54 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت جي پڌرائي مطابق جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ تمام وڏو ٺاهه ٿيو آهي، جنهن تحت جاپان ڪورونا جي روڪٿام لاءِ پاڪستان کي 1.54 بلين گرانٽ ڏيندو. معاهدي تحت صحت واري شعبن ۾ سڌارن سان گڏ وينٽيليٽر ۽ آڪسيجن سلينڊر جي خريداري ۾ مدد ملندي. ٺاهه تي صحي واري تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ ٿي، جنهن ۾ جاپاني سفير ۽ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري نور احمد ٻڌايو ته جاپان کان پمز ۽ حيدرآباد اسپتال ۾ سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مدد ملي آهي، ڪورونا جي روڪٿام لاءِ سهڪار تي جاپان جا ٿورائتا آهيون. جاپاني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، اميد ته ڪورونا جي ٻي لهر کي به پاڪستان بهتر نموني سان منهن ڏيندو.
286