ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ هٿياربندن ڪار تي بم حملو ڪري ڪابل جي ڊپٽي گورنر ۽ ان جو سيڪريٽري مارجي ويا آهن، جڏهن ته سندس ٻه سڪيورٽي گارڊن سخت زخمي ٿي پيا آهن، اڄ صبح جو ڪابل جو ڊپٽي گورنر محبوب الله محبي پنهنجي ڪار ۾ پنهنجي آفيس وڃي رهيو هو ته ڊوائيس ذريعي سندس ڪار تي بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ محبوب الله محبي ۽ سندس سيڪريٽري ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته سندس ٻه سڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا. ڪابل حڪومت ڊپٽي گورنر جي مارجي وڃڻ جي خبر ڪابل جي حڪومت طرفان پڻ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته هن وقت هي حملا ان وقت ٿي ويا آهن جڏهن افغانستان حڪومت پاڙيسي ملڪ پاڪستان ، دوها، قطر ۽ ٻين ملڪن سان بهتري لاءِ امن ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ حملن ۾ سرڪاري عملدار، صحافي ۽ سماجي اڳواڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي.
