ليکڪ: نور خان بکراڻي
پارلياماني جمھوريت کي يقيني بڻائڻ لاء مضبوط اپوزيشن جو ھجڻ تمام ضروري آهي. اھو ئي سبب آھي جو پارلياماني سياست ۾ مضبوط اپوزيشن کي جمھوريت جو حسن سڏيو ويندو آھي. موجوده حڪومت جي عوام دشمن پاليسين ۽ فيصلن کي واپس وٺڻ لاءِ تبديلي سرڪار جي حڪومت کي جمھوري انداز ۾ قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھي للڪارڻ اصل سياست آھي. حڪومت کي ھٽائڻ لاءِ قانوني طور تي آئين ۾ 2 طريقا موجود آهن. ھڪ اِن ھائوس تبديلي جو طريقيڪار عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جي صورت ۾ موجود آهي. ٻي صورت ۾ گڏيل طور مخالف ڌر جون اسيمبلين مان اجتماعي استعيفائون پيش ڪرڻ جي صورت ۾ به حڪومت کي گوڏا کوڙائي پنھنجو مؤقف مڃرائي سگھجي ٿو.پاڪستان اسلامي نظريي تحت قائم ڪيو ويو آهي ۽آئيني اعتبار کان ھڪ جمھوري ملڪ سڏيو وڃي ٿو. پر افسوس جو آزاديءَ جي ڏينھن کان وٺي ھن وقت تائين اسان جي ملڪ ۾ غير سياسي قوتن جو وڏو عمل دخل رھيو آھي ۽ جمھوري سياست ۽ جمھوري قدرن کي ڪڏھن به مضبوط ٿيڻ نه ڏنو ويو، پاڪستان جي پھرين وزيراعظم لياقت علي خان کي شھيد ڪري جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. آمرن ھر وقت چونڊيل عوامي حڪومتن کي گھر ڀيڙو ڪري جمھوريت جي ٻوٽي کي اُسرڻ نه ڏنو ويو جنھن سان ملڪ، قوم ۽ جمھوريت جو بي پناھ نقصان ٿيو. جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ترقي ڪرڻ جي بجاءِ پوئتي پئجي ويو ۽ ترقي جي شرح گھٽجڻ جي ڪري ملڪي معيشت جو ڏيوالو نڪري ويو ۽ مھانگائي جو شرح گھٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. ساڳئي وقت ملڪ ۾ اليڪشن جي ذريعي چونڊجي آيل جمھوري حڪومتن کي وقت کان اڳ گھر ڀيڙو ڪرڻ جي روايت ملڪ کي غير مستحڪم ۽ سياسي خال پيدا ڪري ملڪ کي حقيقي ترقي واري راھ کان پري ڌڪي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ وڌائي ڇڏيا جيڪي ھاڻي حل ڪرڻ مشڪل نظر اچي رھيا آھن. ھن وقت ملڪ ۾ موسم تمام سرد پر سياسي پد تمام گرم محسوس ٿي رهيو آهي. ڪرونا وبا جي سبب ملڪي ترقي توڙي معيشت اڳ ۾ ئي بري طرح سان متاثر ٿي آهي. وفاقي حڪومت جي غلط فيصلن به مھانگائي جي طوفان کي جنم ڏنو آهي. ھن وقت ڪورونا وائرس جي ٻي لھر سبب تعليمي ادارا توڙي ٻيون ڪاروباري سرگرميون ڪٿي بند ته ڪٿي وري محدود ڪيون ويون آهن. عين اھڙي وقت ۾ پي ڊي ايم جي جلسن ۽ جلوسن ۾ تيزي غير سياسي قوتن کي ملڪي سياست ۾ اچڻ جي دعوت ته ڏيئي رھيون آھن جنھن سان ھڪ دفعو وري پارلياماني سياست کي خطرو درپيش اچي ۽ پوءِ جمھوريت کي ٻيھر بحال ڪرڻ شايد ڏکيو بنجي وڃي. 11 پارٽين جي سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي اڄڪلھه جلسن جلوسن سان گڏو گڏ استعيفائون پيش ڪرڻ واري آپشن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پي ڊي ايم جي ھاڻوڪي سياسي ھلچل ڪنھن به ريت ڪپتان جي وفاقي حڪومت کي اسپيس ڏيڻ لاءِ هرگز تيار نه آهي. آصف علي زرداري جي پوئين دؤر حڪومت ۾ ان کي مفاھمت جو امين سڏيو ويندو ھو سندن چوڻي آهي ته سياست ۾ ڪا به ڳالهھ يا فيصلو آخري نه آهي. ملڪي مفاد، وقت ۽ حالتن جي تناظر ۾ پاليسين ۽ فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ اصل سياست آھي. اڄڪلھه مخالف ڌر جي گڏيل مضبوط سياسي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي وڌيڪ مھلت نه ڏيڻ لاءِ ٻيڙا ساڙي آخري حد تائين وڃڻ جو وچن ڪيو آھي. ڊائلاگ جيڪو جمھوريت جو اصل روح آھي. ٻئي ڌريون حڪومت توڙي مخالف ڌر ھڪٻئي جي ويجھو اچڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جنھن جو نتيجو يقينن ڪنھن وڏي الميئي يا جمھوريت جي نقصان جي صورت ۾ ئي ملڪ ۽ قوم کي ڀوڳڻو نه پوي، ھن وقت ملڪ ۾ سياسي ماحول تمام گرم محسوس ٿي رهيو آهي. ملڪي سياست لاءِ ايندڙ ڪجهه مهينا انتھائي اھميت وارا آھن. مخالف ڌر جي مارچ ۾ سينيٽ جي اليڪشن کان پھريائين اسيمبلين مان استعيفائون پيش ڪرڻ جي صورت ۾ نين چونڊن يا ضمني چونڊن وارو ماحول پيدا ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي.