218

گھوٽڪي واسين کي پنهنجا حق ڪڏهن ملندا..؟؟

ليکڪ: سنڌي طاهر

سموري سنڌ جيڪا خدا طرفان ڏنل قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي ۽ ھن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبو آھي پر بدقسمتي جو سنڌ جي ماروئڙن جا سور، ڏک ۽ تڪليف ڏينھون ڏينهن وڌي رھيا آھن ۽ عوام بنيادي سھولتن کان به محروم ٿيندو پيو وڃي، سنڌ جا سڀئي ضلعا گئس، ڪوئلي، پيٽرول سميت ڪيترن ئي ذخيرن سان مالامال ڪيو آھي، انھن مان گھوٽڪي ضلعو خاص درجو رکي ٿو، جتي گئس ۽ پئٽرول موجود آھي، جنھن مان ڪروڙين رپين جو فائدو رسي پيو، ان کان سواءِ ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون جنهن ۾ ڀاڻ ڪمپينون، شگر ملون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي انڊسٽريون آھن، جيڪي ڪروڙين رپيا ٽيڪس ڪمائي ڏين ٿيون.گھوٽڪي ضلعو سنڌ ۾ ڪراچي کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ شاھوڪار ضلعو آھي، پر بدقسمتي سان اتي جا مقامي ماڻھو اڄ به بنيادي سھولتن کان محروم آھن، گھوٽڪي جا ماڻھو اڄ به بک، بدحالي، غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، بيروگاري ھتان جي نوجوانن کي مايوسي جي چوٽ تي پھچائي ڇڏيو آھي ۽ هتي جا نوجوان انھن ملٽي نيشنل ڪمپنين جي نوڪرين لاءِ ملن جي گيٽن تي چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن پر انھن کي اڄ تائين ڪا نوڪري ناھي ملي.ڪجھه ڏينھن اڳ جڏھن ھتان جا ڪجھه پڙھيل لکيل نوجوان دوست انھن ڪمپنين خلاف تحريڪ ھلائي ۽ انھي ۾ ڪيترائي دفعا انھن ملن جي گيٽن آڏو احتجاجي ڌرڻا پڻ ھنيا ويا، پيادل لانگ مارچ ٿيا پر افسوس جو مل انتظاميه ڪو به ڌيان نه ڌنو، ان کان سواءِ ڪيترائي دفعا اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو سميت ٻين اعليٰ آفيسرن سان ملياسين پر ھر دفعي وانگر ٺلھا آسرا مليا ۽ مقامي نوجوانن کي روزگار نه مليو پر انھن ملن ۾ ٻاھرين صوبن کان آيل لوڌ لاءِ نوڪريون آھن، انھن ماڻھن لاءِ سھولتون آھن پر مل انتظاميه کي مقامي ماڻھن سان ملڻ جو به وقت ناھي. اھي ملٽي نيشنل ڪمپنيون انڊسٽريل ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي ھتان جي مقامي ماڻھن سان ناانصافيون ڪن ٿيون، ڇو ته نه ڪڏھن ڪو اسڪول ڏنو اٿن، نه ڪا اسپتال، نه روڊ رستا ۽ نـ ئي وري ڪا ٻي سھولت مهيا ڪئي وئي آهي، ڪورونا جھڙي وبا ۾ به انھن ڪمپنين ڪنھن مقامي غريبن کي ڪو راشن يا ڪا مدد ڪئي ھجي. گھوٽڪي جا نوجوان اڄ به تعليم کان محروم آھن ھتي تعليم مڪمل تباھه آھي، ڪٿي اسڪول ناھن، ڪٿي اسڪول آھن ته وري اتي استاد ناھن، مطلب ته نظام بلڪل تباھه ٿيل آھي، ھتان جي نوجوانن ڪيترائي دفعا سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي گھوٽڪي لاءِ يونيورسٽي يا ميڊيڪل ڪاليج ٽرينڊ ھلايو پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. 2018 ع جي اليڪشن مھم دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنھن تعلقي اوٻاوڙي ۾ ميڊيڪل ڪاليج جو اعلان ڪيو ھو پر اھو اعلان فقط اعلان ئي رھيو ۽ ان تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگھيو، ان کان سواءِ ڪجھه ڏينھن اڳ وفاقي وزير اسد عمر به اوٻاوڙي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ويو آهي پر اڃا تائين ان تي عمل نظر نٿو اچي.گھوٽڪي مان نڪرندڙ گئس مان ھتان جا مقامي ماڻھو محروم آھن، اسان ڏسون پيا جديد دور ھلي پيو جتي دنيا تمام تيز رفتار سان ترقي ڪري رھي آھي اتي اسان جي ماڻھن جي بنيادي حقن کان محرومي ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سياستدانن لاءِ ھڪ وڏو سواليا نشان آھي، سنڌ حڪومت سميت ھتان جي لوڪل سياستدانن کي گھرجي ته ماڻھن جا مسئلا حل ڪن ۽ خاص ڪري تعليم صحت بيروگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ توھان پاڻ ڏسو پيا جتي ڪٿي نوجوان پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ علم بلند ڪيون بيٺا آھن، ائين نـ ٿئي جو ايندڙ وقت ۾ ووٽ وٺڻ مھل سياستدانن کي نوجوانن جي سخت سوالن کي منھن ڏئڻو پوي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو