188

۽ هاڻي اڪري چودڳي ۾ انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعو..!!

ايڊيٽوريل

سماج اندر ڏينهون ڏينهن انساني تذليل ۽ تشدد جي واقعن ۾ واڌ اچي رهي آهي، ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ هڪ پورهيت رستم پٽ امير بخش ڪانڌڙي سان بااثر ظلم جي انتها ڪئي، ٺيڪ ٻئي ڏينهن تي ميرن واري خيرپور جي شهر اڪري چودڳي ۾ پڻ هڪ اهڙو ئي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ بسترو چورائڻ جي الزام هيٺ ذهني معذور نوابشاهه واسي عدنان آرائين ڀٽي تي هڪ ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور علي حسن بروهي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، رپورٽ ٿيو آهي ته جوابدار نوجوان کي کٽ سان ٻڌي ڪپڙن کان آجو ڪري ويهڪ واري جاءِ تي لوهي ڪوڪا ٺوڪي ڇڏيا آهن ۽ اهڙو ظلم هن سرعام ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن بيحسي جو بت بڻجي اهڙو تماشو پڻ ڏٺو آهي، نه صرف ايترو پر ان جي وڊيو پڻ ٺاهي وئي آهي، جيڪا وائرل ٿيڻ کانپوءِ سماجي سطح تي اهڙي انسانيت سوز ظلم ۽ زيادتي خلاف جڏهن عوامي آواز بلند ٿيو ۽ هر طرف کان اهڙي ظلم جي نندا ڪندي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي گهر زور وٺڻ لڳي تڏهن ايس ايس پي خيرپور اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس به ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪندي شڪارپور جي لکي غلام شاهه شهر  ڀرسان ڇاپو هڻي ٽريڪٽر ڊرائيور علي حسن بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس فيض گنج جي عدالت ۾ پيش ڪري ٽن ڏينهن جو رمانڊ پڻ ورتو ويو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته ذهني معذور نوجوان نوابشاهه جو رهواسي آهي، جيڪو نشي جو پڻ عادي آهي ۽ هو اڪري ۽ ڀرپاسي ۾ پني پيٽ گذارو ڪرڻ سان گڏ نشي پتي لاءِ به ٻه رپيا گڏ ڪري ان مان نشو خريد ڪندو آهي ۽ جوابدار هڪ ٺيڪيدار جو ڊرائيور آهي، جيڪو اڪري ۽ ڀرپاسي ۾ بٺن تي مٽي ڀرائي جو ڪم ڪندو هو ۽ هو مزدورن سميت عارضي طور لاريب هوٽل تي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو.

سماج اندر ڏينهون ڏينهن ان قسم جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام جيتوڻيڪ ڪو آسان ڪم نه آهي، پر اهڙن واقعن جي وڌڻ جو هڪ سبب قانون جي ڪمزوري ۽ ڏاڍي جي لٺ آهي، جنهن سبب اهڙا ڏوهاري طاقتور بڻيل آهن ۽ اڪثر واقعن ۾ اهي سزا کان به بچي وڃن ٿا، ڪجهه مهينا اڳ ان قسم جو واقعو گهوٽڪي ضلعي ۾ پڻ پيش آيو هو، جنهن ۾ هڪ بااثر سردار هڪ وين ڊرائيور سان ظلم ڪندي تشدد بعد ويهڪ واري جاءِ تي سريا ٺوڪي ڇڏيا هئا، ڪجهه ڏينهن اهڙو واقعو ميڊيا جي زينت به بڻيو، ڪيس به داخل ٿيو پر پوليس مک جوابدار به گرفتار نه ڪري سگهي ۽ ان پئسي ۽ سرداري جي زور تي متاثر ڌر کي هيسائي دٻائي واقعو لئه مٽي ڪرائي ڇڏيو ۽ پوليس به ان ڪيس کي فائلن ۾ دٻائي ڇڏيو، اسان سمجهون ٿا ته جيستائين سماج اندر قانون جو هڪ ڪرو نظام لاڳو نه ٿيندو تيستائين اهڙن جوابدارن جو من وڌندو ئي رهندو ۽ ان ذهنيت جا ماڻهو اهڙن ڏوهن کان پاسو به نه ڪندا، جيتوڻيڪ تشدد جي حوالي سان موجود قانون به ترميمون چاهين ٿا، پر اهڙي ڏوهه جي جيڪا سزا آهي گهٽ ۾ گهٽ اها ته جوابدارن کي اچڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ڪجهه وقت اهڙيون خبرون ميڊيا تي هلي پراڻي اشو وانگر ختم ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ وري ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اهڙو ڪو جوابدار سامهون اچي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ هي جديد شعوري دور آهي ۽ هن دور ۾ اهڙو ڪو به واقعو لڪي ته نٿو سگهي پر ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سڀ کان اهم رول پوليس جو آهي، جيڪڏهن اسان جا سمورا اهلڪار محمد بخش ٻرڙي وانگر همٿ ڏيکارين ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪن ته يقينن اسان اهڙن ڏوهن کي روڪي سگهون ٿا ۽ ائين به نه آهي ته ڪو پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڀينگ آهي، اتي بهتر آفيسر پڻ موجود آهن، پر اهڙا واقعا سزا ۽ جزا کانسواءِ ختم ٿيڻ ممڪن نه آهن، جيستائين اهڙن ڏوهارين کي عبرت جو نشان نه بڻايو ويندو، تيستائين ڪو نه ڪو مظلوم اهڙي ظلم جو شڪار ٿيندو رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو