400

دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻيءَ دوران دل جو دورو پوڻ سبب ايس ايڇ او بيهوش، حيدرآباد منتقل

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پيش ٿيل ايس ايڇ او کي دل جو دورو پئجي ويو. دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ منشيات ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن کي پيشي لاءِ وٺي ايندڙ ايس ايڇ او جوھي نور مصطفيٰ پٺاڻ کي عدالتي ڪمري ۾ دل جو دورو پئجي ويو.  ايس ايڇ او جوھي نور مصطفيٰ پٺاڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال دادو کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو